تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ نصاب ۾ جلد تبديلي ڪئي ويندي: صدر ممنون حسين

تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ نصاب ۾ جلد تبديلي ڪئي ويندي: صدر ممنون حسين

ڪراچي / اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17ستمبر 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده وقت جي گهرجن ۽ نظريه پاڪستان جي روح موجب تعليمي نصاب ۾ تمام جلد تبديلي ڪئي ويندي جنهن لاءِ تمام گهڻي تيزي سان ڪم جاري آهي. صدر اها ڳالهه اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ تعليمي ماهرن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته اهل فڪر جي اها ذميواري آهي ته اهي تعليمي عمل کي وڌ کان وڌ لاڀائتو ۽ بامقصد بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون تجويزون حڪومت کي ڏين ته جيئن اسان جا نوجوان بامقصد تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن. هن چيو ته حڪومت انهي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي تعليم جي فروغ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ته جيئن اسان جو نئون نسل جديد شعبن ۾ مهارت حاصل ڪري موجوده وقت جي گهرجن موجب قوم جي خدمت ڪري سگهي ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ اسان پاڻڀرائپ جي منزل حاصل ڪري سگهون. هن تعليمي ادارن ۾ ادبي ۽ ثقافتي سدرگرمين کي بامعنيٰ بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان ذريعي نئين نسل کي نه رڳو پنهنجي تهذيبي قدرن کان روشناس ڪرائي سگهجي ٿو پر پرڏيهي تهذيبن جي يلغار جو رستو روڪي معاشري ۾ قدرن جي حفاظت پڻ ڪري سگهجي ٿي. وفد ۾ ڊاڪٽر پيرزاده قاسم رضا، ڊاڪٽر نعمان الحق، سحر انصاري، ڊاڪٽر رئوف پاريک، ڊاڪٽر معين الدين عقيل، ڊاڪٽر فاطمه حسن، شاهده حسن، حسينه معين، غازي صلاح الدين، امداد حسيني، يوسف خشڪ، صوفيا خشڪ، سحر امداد، خواجه رياض حيدر، خواجه طارق ۽ ناصرالدين شامل هئا.