اطلاعات وارو وفاقي وزير پرويز ر شيد 5 ڏينهن جي دوري تي چين روانو

اطلاعات وارو وفاقي وزير پرويز ر شيد 5 ڏينهن جي دوري تي چين روانو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17ستمبر 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز ر شيد 5 ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي جتي هو چين جي صوبي گانسو ۾ سلڪ روڊ انٽرنيشنل ڪلچر ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندو. ان ايڪسپو جو مقصد قديم شاهراهه ريشم سان واڳيل ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ آهي. ايڪسپو ۾ عالمي اڳواڻن ۽ ثقافتي، سياحت ۽ انفارميشن وزيرن سميت سفارتڪار، عالمي ادارن جا اڳواڻ ۽ عالمي ثقافتي ادارن جون اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون. سلڪ روڊ عالمي ثقافتي نمائش پهريون ڀيرو چين جي صوبي گانسو جي شهر ڊن هانگ ۾ ٿيندي. ان دوران مختلف اعليٰ سطحي فورم ۽ سلڪ روڊ ثقافتي نمائش سميت مختلف تقريبون ٿينديون جيڪي هر سال منعقد ٿينديون جڏهن ته ان سان گڏوگڏ مختلف فورمن، نمائشن ۽ ثقافتي تقريبون پڻ منعقد ڪيون وينديون. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد گانسو صوبي جي گورنر جي دعوت تي انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ايڪسپو جي موقعي تي چين جو ثقافت وارو وزير لوشو گنگ، ثقافت وارو ڊپٽي وزير ڊنگ وي ۽ ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن جو نائب وزير ٽونگ گنگ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد سان ملاقاتون ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.