وزيراعظم والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز هٿان انساني حقن جي مسلسل سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اڄ گڏيل قومن جي لاءِ روانو ٿيندو

وزيراعظم والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز هٿان انساني حقن جي مسلسل سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اڄ گڏيل قومن جي لاءِ روانو ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز هٿان انساني حقن جي مسلسل سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اڄ ڇنڇر ڏينهن گڏيل قومن جي لاءِ روانو ٿيندو. وزيراعظم بين الاقوامي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڏيندو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري واري حق وارو پنهنجو واعدو پورو ڪن. پرڏيهي آفيس طرفان جمعي ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف 19 سيپٽمبر کان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. وزيراعظم والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز طرفان انساني حقن جي تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال ۽ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو. هو 21 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي کان وٺي اهم بين الاقوامي معاملن تي پاڪستان جي موقف، ڪردار ۽ خدمتن تي روشني وجهندي حڪومت جي ويزن ۽ ترجيحن کي اجاگر ڪندو. جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس خصوصي اهميت رکندڙ آهي ڇو ته ان ۾ حڪومتي ۽ رياستي سربراهه وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا آهن. وزيراعظم نواز شريف پنهنجي خطاب ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز طرفان انساني حقن جي تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال، ڀارتي ظلمن کي اجاگر، بين الاقوامي برادري ۽ گڏيل قومن کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي خودمختياري ڏيڻ بابت پنهنجي واعدي جي پاسداري ۽ ان تي عملدرآمد جو مطالبو ڪندو. ترجمان موجب وزيراعظم 19 سيپٽمبر تي پناهگيرن ۽ پرڏيهين جي وڏي پئماني تي چرپر جي مسئلي جي حوالي سان جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطح جي اجلاس ۽ 20 سيپٽمبر تي پناهگيرن بابت باراڪ اوباما جي گهرايل سربراهه اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو. ان موقعي کي استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان پناهگيرن جي حوالي سان ڏنل بي پناهه قربانين ۽ تعاون کي اجاگر ڪندو ۽ عالمي برادري کان افغان پناهگيرن جي رضاڪاراڻي باعزت واپسي تي زور ڏيندو. جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بان ڪي مون سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن کانسواءِ ڪاروباري اڳواڻن ۽ ميڊيا جي چونڊيل ميمبرن سان به ملاقاتون ڪندو. سيشن دوران او آءِ سي، جي -77، ايڪو، سارڪ، دولت مشترڪه، ڊي ايٽ سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ ذيلي علائقائي تنظيمن جي وزارتي سطح جا اجلاس به ٿيندا. ترجمان چيو ته ان موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جو اجلاس به ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي ڊگهي مدي واري چئلينجن تي ضابطو آڻن جي غرض سان گڏيل ڪوششن کي فروغ ڏيڻ جو سڀني کان وڏو علمبردار آهي. پاڪستان پنهنجي قومي مفادن کي تحفظ ۽ فروغ ڏيندي اهم معاملن جهڙوڪ ڪشمير مسئلو، سلامتي ڪائونسل جا سڌارا، دهشتگردي جي خاتمي، انساني حقن، امن قائم ڪرڻ ۽ ٻين معاملن ۾ گڏيل قومن سان تعاون جاري رکندو.