سري لنڪا جو صدر پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري واپس روانو

سري لنڪا جو صدر پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري واپس روانو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 24مارچ2018ء) سري لنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا ڇنڇر ڏينهن پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس روانو ٿي ويو، ايوان صدر طرفان جاري بيان موجب نور خان ايئر بيس تي صدر ممنون حسين ۽ مهمانداري واري وزير عبدالقادر بلوچ سميت ٻين اعليٰ عملدارن کيس الوداع ڪيو، پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران سريلنڪا جي صدر يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان به ملاقاتون ڪيون۔