جيڪڏهن ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ته اڄ پاڪستان جون حالتون مختلف هجن ها: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

جيڪڏهن ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ته اڄ پاڪستان جون حالتون مختلف هجن ها: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

ننڪانه صاحب (پاکستان نیوزپوائنٹ 24مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ته اڄ پاڪستان جون حالتون مختلف هجن ها، سيد والا ۽ بچيڪي ۾ گئس جي فراهمي جي منصوبي تي ڪم جاري آهي، اوڪاڙه – جڙانولا روڊ تي راوي درياءُ تي راءِ منصب علي خان پل جي تعمير جو آغاز گذريل حڪومت ڪيو جڏهن ته موجوده حڪومت ان منصوبي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪري فنڊز جي فراهمي کي يقيني بڻايو، هي منصوبو علائقي جي عوام جو پراڻو مطالبو هو ۽ حڪومت سندن مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، عوام فيصلو ڪندي ته کين ڪم ڪندڙ قيادت گهرجي يا گاريون ڏيندڙ قيادت، راءِ منصب علي خان پل جي تعمير سان علائقي جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ نمايان مدد ملندي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي عوام جي خدمت کان روڪي نٿو سگهجي، مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگي پوري ملڪ ۾ سڀني جي سامهون آهي، عوام ايندڙ چونڊن ۾ درست فيصلي جي ذريعي پنهنجي قيادت جي چونڊ ڪندي. اها ڳالهه هن ڇنڇر ڏينهن ننڪانه صاحب جي ويجهو راوي درياءُ تي راءِ منصب علي خان پل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي، پل جي تعمير سان دريا جي ساڄي طرف جي ٽي روڊ ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي سهولت حاصل ٿيندي ۽ وڏي ٽريفڪ کي جڙانوالا، ننڪانه صاحب، فيصل آباد، جهنگ، ٽوبيه ٽيڪ سنگ، چنيوٽ ۽ سرگوڌا اهم زرعي ۽ صنعتي مرڪزن تائين رسائي حاصل هوندي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي عوام جي خدمتن کان روڪي نٿو سگهجي ۽ خدمت اهو ئي ڪندو آهي جنهن جي دل ۾ خلوص هجي، ڌرڻا نه هنيا وڃن ها ته اڄ پاڪستان ترقي جون نمايان منزلون حاصل ڪري چڪو هجي ها، اقتدار جي هوس رکندڙن عوام جي ۽ نه ئي ملڪ جي خدمت ڪندا آهن، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون آهي ۽ محمد نواز شريف پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام ۾ بيٺل آهي، وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان ملڪي سياست ۾ اتفاق جي ڳالهه ڪئي، سياست کي عزت ڏيندڙن جي ڳالهه ڪئي پر ان جو جواب توهان جي سامهون آهي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ هر باشعور پاڪستاني پنهنجي قيادت جي چونڊ جو فيصلو ڪندي جيڪو مشڪل فيصلو ناهي، هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ محمد نواز شريف پنهنجي ڪاڪردگي جي بنياد تي عوام ۾ بيٺل آهي، 2013ع ۾ ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس جي شديد بحران درپيش هو جنهن جي خاتمي جي ڪا به اميد نه هئي جڏهن ته ان وقت جي معيشت ۽ ملڪ ۾ حالتون سنگين هيون توهان جي سامهون هيون، وزيراعظم چيو ته اسان دعويٰ نٿا ڪريون ته اسان هر مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي پر مسئلن جي خاتمي لاءِ خلوص سان ڪم ڪيو آهي جنهن جا نتيجا هاڻي توهان جي سامهون آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 65 سالن جي دوران 20 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي وئي هئي جڏهن ته اسان موجوده حڪومتي دور ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي آهي، هن چيو ته ايندڙ گرمين جي سيزن ۾ انشاءُ الله ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ نه هوندي تنهن هوندي به سڄي دنيا ۾ ڪجهه فني مسئلا سامهون ايندا رهندا آهن ۽ ان طرح جي مسئلا هر ملڪ ۾ پيش اچي سگهن ٿا. هن چيو ته جن علائقن ۾ بجلي جي چوري وڌيڪ آهي اتي بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿيندي ته جيئن جتي بجلي چوري ڪئي پئي وڃي اتي انهن کي احساس به ٿي سگهي، هن چيو ته بجلي جا 85 سيڪڙو صارفين بل ادا ڪندا آهن ۽ بجلي چوري ڪندڙ 15 سيڪڙو چورن جو بار برداشت نه ڪندا، هن چيو ته بجلي چوري جي علائقن ۾ بجلي جي بندش جو فيصلو ان لاءِ ڪيو پيو وڃي ته هي بار ٻين ماڻهن تي نه پوي، وزيراعظم چيو ته 2013ع جي سيءَ واري موسم ۽ گذريل سيءَ واري موسم ۾ گئس جي صورتحال توهان جي سامهون آهي، اسان گئس جي مقامي پيداوار ۾ اضافي سان گڏوگڏ گيس درآمد ڪري گهريلو صارفين، صنعتن، سي اين جي اسٽيشنن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ ڪارخانن کي گئس جي فراهمي يقيني بڻائي آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اهو ملڪ جيڪو 10 لک ٽن يوريا ڀاڻ درآمد ڪندو هو، هن دفعي اسان 6 لک ٽن يوريا ڀاڻ برآمد ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ڪئي آهي، هن چيو ته هي ڪم ماضي جون حڪومتون به ڪري سگهيون پئي پر هميشه ڪم اهو ڪندو آهي جيڪو دل ۾ خلوص رکندو آهي، هن چيو ته اسان جي قائد محمد نواز شريف اسان کي سيکاريو آهي ته هر حال ۾ عوام جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) هي ثابت ڪيو آهي ته مشڪل حالتن جي باوجود به ڪارڪردگي ڏيکاري سگهجي ٿي، هن چيو ته جولاءِ ۾ جڏهن نواز شريف جي حڪومت ختم نه ٿي ته چيو ويو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نه هلندي پر الحمدالله اڄ حڪومت قائم آهي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري رهي آهي، هن چيو ته پاناما جي نالي تي انتشار ۽ عدم استحڪام نه پکيڙيو وڃي ها ته اڄ حالتون وڌيڪ بهتر هجن ها، وزيراعظم چيو ته اسان کي انهن شين کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙن کي عزت ناهي ڏني ويندي جڏهن ته جيڪي ڪم ناهن ڪندا انهن کي عزت ڏني ويندي آهي، هن چيو ته اسان هي فيصلو ڪيو ته اهڙن مسئلن جو مقابلو ڪرڻو آهي ۽ انهن کي حل ڪرڻو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ ڪنهن اين آر او جو سهارو ورتو ۽ ڪو حالتن سان ٺاهه ڪري پنهنجي گهر ويهي رهيو پر مسلم ليگ (ن) اصولن تي ڄميل رهي ، ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان ترقي ڪرڻي آهي ته جمهوريت سان ئي ممڪن هوندي جنهن جو فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي ۽ جولاءِ جي ايندڙ چونڊن ۾ به توهان فيصلو ڪندا. وزيراعظم چيو ته 2008ع جي چونڊن ۾ عوام پنهنجي راءِ ڏني ۽ ان فيصلي جا اثر توهان ڏٺا ۽ 2013ع ۾ عوام حڪومت کي گهر موڪليو ويو، هن چيو ته 2013ع جي چونڊن جي فيصلي جا اثر توهان جي سامهون آهن. وزيراعظم چيو ته اصولن جي سياست جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) جي طرح ڪو ٻيو مثال موجود نه آهي، هن چيو ته گذريل پنجن سالن دوران اسان تي ڪيترائي الزام لڳايا ويا پر اسان جي ڪارڪردگي به توهان جي سامهون آهي جيڪي الزام لڳائيندا آهن اهي پنهنجي گريبان ۾ ڏسن ۽ عوام کي ٻڌائين ته هنن ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته پئسن سان ماڻهن جا ووٽ ۽ ضمير خريد ڪري سينيٽ چيئرمين کي چونڊرايو ويو ان سان ماڻهن جي دلين ۾ انهن ۾ عزت نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته سينيٽ وفاق جي علامت آهي ۽ صدر جي عدم موجودگي ۾ سينيٽ چيئرمين صدر جي حيثيت سان ڪم ڪندو آهي، اسان سينيٽ جي عزت ۽ وقار لاءِ متفقه سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي تجويز پيش ڪئي هئي پر اڄ سينيٽ جو چيئرمين خريد ڪيل ووٽن سان تي ويٺو آهي جنهن جي عوام ۾ ڪا به عزت نه آهي، وزيراعظم عوام کي چيو ته هو جولاءِ ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري ۽ ان جو فيصلو ڪندي انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي، هي فيصلو اسان آهي مشڪل نه آهي، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگي پوري ملڪ ۾ سڀني جي سامهون آهي ۽ عوام ايندڙ چونڊن ۾ درست فيصلي جي ذريعي پنهنجي قيادت جو چونڊ ڪندي جيڪو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ادا ڪندي.