پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن: مريم اورنگزيب

پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23مارچ2018ء)  اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، هي پاڪستاني قوم جي لازوال قربانين جو ثمر آهي جو پاڪستان دهشتگردي کان پاڪ ٿي رهيو آهي ۽ امن جا اجالا نظر اچي رهيا آهن، دهشتگردي خلاف پاڪستاني قوم جو جذبو واکاڻ جوڳو آهي، اسان قيام پاڪستان کان وٺي تعمير پاڪستان تائين وڏا وڏا سنگ ميل عبور ڪيا آهن ۽ هڪ خوشحال پاڪستان اڀري سامهون اچي رهيو آهي، ڌرتي جي پٽن ۽ ڌيئرن ان مقصد خاطر پنهنجي رت سان ڏيئا ٻاريا آهن، 23 مارچ جو ڏينهن پاڪستان لاءِ تاريخي اهميت رکندڙ آهي، اڄوڪي ڏينهن هي وچن ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، گڏجي ۽ متحد ٿي پيار ۽ محبت جا ڏيئا ٻارينداسين ۽ پاڪستان کي امن جو گهوار بڻائينداسين، پاڪستاني قوم متحد ٿي ڪري سدائين مثالي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن ۽ ڪاميابي ٿي آهي، عدم برداشت جهڙي لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ٻڌي ۽ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي ضرورت آهي، قوم جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، پاڪستان سوئيٽ هومز جي ميمبرشپ جي حوالي سان عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پي ٽي وي ايندڙ هفتي هڪ مهم شروع ڪندي. جمعي ڏينهن هتي پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ يوم پاڪستان جي حوالي سان ”پاڪستان ڊي پريڊ“ جي تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 23 مارچ يوم پاڪستان جو ڏينهن تاريخي اهميت رکندڙ آهي جنهن ڏينهن قرارداد پاڪستان منظور ٿي هئي ۽ علامه اقبال جي خواب جي تعبير لاءِ قائداعظم محمد علي جناح تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ هر شخص ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ تحريڪ جي ڪاميابي سان پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته اڄ پاڪستان سوئيٽ هومز جي ٻارن سان شامل ٿيڻ کانسواءِ هي عهد ڪرڻ جي به ضرورت آهي ته اسان سڀ پنهنجي زندگين ۾ انهن ٻارن کي شامل ڪريون جن جا والدين دهشتگردي ۾ يا اهڙا والدين جنهن جا ٻار دهشتگردي جي جنگ ۾ شهيد ٿيا آهن، انهن کي پنهنجي زندگين ۾ شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته آئون جڏهن به پاڪستان سوئيٽ هومز ايندي آهيان ته منهنجي ڪا سياسي وابستگي ناهي هوندي ڇو ته قوم جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو ڪم اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، هن چيو ته زمرد خان پرعزم آهي ۽ سندس ٽيم، ڊونرز ۽ سول سوسائيٽي جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن جنهن سان پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ هزارين ٻار تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته جڏهن 1947ع ۾ ملڪ قائم ٿيو هو تعمير پاڪستان جو سفر شروع ٿيو ۽ هاڻي به گهڻو سفر باقي آهي، تنهن هوندي به اسان وڏا وڏا سنگ ميل عبور ڪيا آهن ۽ هڪ خوشحال پاڪستان اڀري سامهون اچي رهيو آهي، هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو جنهن قيام پاڪستان جي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪيا، انهن جو رت به تعمير پاڪستان ۾ شامل آهي، اسان سڀني کي گڏجي کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ گهرجي. مملڪتي وزير چيو ته عدم برداشت جو رويو تمام گهڻو وڌي چڪو آهي ۽ اڄوڪي هن اهم قومي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي وچن ڪرڻ گهرجي ته اسان سڀ گڏجي ۽ متحد ٿي پيار ۽ محبت جي ڏيئا ٻارينداسين، هن چيو ته اسان کي گهرجي ته قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي روشني ۾ محبت، ٻڌي، اتحاد ۽ تنظيم لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، هن ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙن ۽ پاڪستان کي امن جو گهوار بڻائيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هاڻي هي اسان جو ڪم آهي ته اسان ملڪ جي تعمير ڪريون ۽ ان کي ترقي جو گهوارو بڻايون. هن چيو ته پاڪستان سوئيٽ هومز جو مقصد اعليٰ آهي ۽ سمورا ماڻهو جيڪي پاڪستان سوئيٽ هومز جي لاءِ عطيا ڏيندا آهن الله انهن جي ڪوششن کي قبول ڪري، عطيا ڏيندڙن جون خدمتون قابل قدر آهن. هن چيو ته زمرد خان سان هر ملاقات کانپوءِ سندس اکين ۾ خوشي جي چمڪ وڌيل ڏٺي آهي جيڪا ان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، مملڪتي وزير تقريب ۾ شامل زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي پاڪستان سوئيٽ هومز جو حصو بڻجڻ جو چيو، هن چيو ته پاڪستان سوئيٽ هومز جي ميمبرشپ جي حوالي سان عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٽيلي ويزن ايندڙ هفتي هڪ مهم شروع ڪندي ۽ ان نيڪ مقصد لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، تقريب ۾ پاڪستان سوئيٽ هومز جي ٻارن شاندار پريڊ جو مظاهرو ڪيو ۽ اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير کي سلامي پيش ڪئي، تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.