وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ سريلنڪا جي صدر پاران پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ سريلنڪا جي صدر پاران پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ سريلنڪا جي صدر ميٿري پالاسري سينا پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي ۽ سريلنڪا جي عالمي ڊپلوميٽڪ تربيتي انسٽيٽِيوٽ، پاڪستان جي بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ سريلنڪا جي قومي پاليسين ۽ اقتصادي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ نوجوانن جي ترقي جي شعبي ۾ تعاون جي دستاويز ۽ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي انسٽيٽيوٽ براءِ ڊولپمينٽ ايدمنسٽريشن جي وچ ۾ مفاهمت جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون، ان موقعي تي سريلنڪا جي صدر وزيراعظم کي 10 ڪارنيا به پيش ڪيا جيڪي نور کان محروم ماڻهن لاءِ عطيو ڪيو ويندا.