پاڪستان ووٽ جي طاقت سان ٺهيو، پاڪستانين جي رت مان جمهوريت نٿي نڪري سگهي: مريم اورنگزيب

پاڪستان ووٽ جي طاقت سان ٺهيو، پاڪستانين جي رت مان جمهوريت نٿي نڪري سگهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مارچ2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ووٽ جي طاقت سان ٺهيو، پاڪستانين جي رت مان جمهوريت نٿي نڪري سگهي، پاڪستان قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال جي خواب جي تعبير آهي، تعليم يافته قومون تعمير جي سفر ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون آهن، پاڪستاني جيڪڏهن متحد ٿي وڃن ته کين ڪنهن ٻي جي ضرورت نه پوندي، اسان باباءِ قوم جي قول ”تنظيم، اتحاد ۽ يقين محڪم“ تي عمل ڪري هر قسم جي مشڪلاتن کي اساني سان منهن ڏئي سگهون ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ نظريا پاڪستان ڪائونسل جي تعاون سان يوم پاڪستان جي مناسبت سان تحريڪ پاڪستان جي عظيم اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ منعقد تصويري نمائش کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا، ڊي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز عبدالواحد خان ۽ مختلف اسڪولن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون موجود هئا. مملڪتي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته يوم پاڪستان جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي ۽ هتي مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ ۽ کٽيندڙ ٻارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ٻولي سان محبت آهي، دنيا ۾ اهائي اسان جي سڃاڻپ آهي، انگريزي ٻولي به ضروري آهي ڇو ته اسان گلوبل وليج ۾ رهندا آهيون تنهن هوندي به پنهنجي ٻولي جو ڪو به نعم البدل نه آهي، اسان جتي به وڃون اسان جي سڃاڻپ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان هجڻ گهرجي، هن چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جديد ۽ بهتر طريقي سان نمائش جو انعقاد ڪيو آهي، پاڪستان ۾ اهڙي طرح جي نمائشن جو انعقاد هجڻ گهرجي، نمائش جي ذريعي پاڪستاني ثقافت ۽ تاريخي عهد کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال جي خواب جي تعبير آهي، نوجوان نسل به پاڪستان جي تعمير ۾ حصو وجهي رهيو آهي، قائداعظم پنهنجي تاريخي تقريرن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تعليم يافته قومون تعمير جي سفر ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون آهن، هن چيو ته جمهوريت پاڪستان جي رت ۾ شامل آهي، جڏهن به هتان جمهوريت کي ڪڍيو ويو ته اها وڌيڪ طاقت سان واپس آئي آهي، مملڪتي وزير چيو ته قيام پاڪستان کانپوءِ ڪيترائي ڪارا دور آيا جڏهن جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو، پاڪستان ووٽ جي طاقت سان بڻيو، پاڪستانين جي رت مان جمهوريت نٿي نڪري سگهي، مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، لوڊشيڊنگ ختم ٿي رهي آهي، موٽر ويز بڻجي رهيون آهن، ماضي ۾ ايترا ترقياتي ڪم ناهن ٿيا جيترا گذريل ساڍن چار سالن ۾ ٿيا، 66 سالن ۾ شاهراهن جو اهڙو نيٽ ورڪ نه ٺهيو جيڪو مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور ۾ ٺاهيو ويو آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سئو سيڪڙو ماڻهو تعليم يافته هوندا، هن چيو ته اسان قائداعظم جي ”اتحاد، يقين، محڪم ۽ تنظيم“ جي قول کي وساري ڇڏيو آهي ڇو ته قائداعظم چيو هو ته جيڪڏهن توهان ۾ اهڙي تنظيم هوندي، جنهن تي ڪو به اثر انداز نه ٿي سگهي ته توهان کي ڪنهن ٻي تي ڀاڙڻ جي ضرورت نه آهي، پاڪستاني جيڪڏهن متحد ٿي وڃن ته کين ڪنهن ٻي جي ضرورت نه هوندي، اسان باباءِ قوم جي قول تنظيم، اتحاد ۽ يقين محڪم تي عمل ڪري هر قسم جي مشڪلاتن کان باآساني سان منهن ڏئي سگهون ٿا، هن چيو ته نوجوانن لاءِ پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ تحريڪ پاڪستان جي پروگرم ڏسڻ ضروري آهي ڇو ته اسان سڀني کي هي لڳندو آهي ته پاڪستان هڪ رات ۾ بڻجي ويو ۽ اهو سڄو رت، پگهر، شهادتون، قربانيون جيڪي پاڪستان بڻجڻ لاءِ پاڪستانين ڏنيون، ان وقت جي اها جهلڪ، اها تحريڪ پاڪستان جي پوري تاريخ جيڪا لکي وئي ان کي اسان نشريات ۾ شامل ڪيو آهي، هن چيو ته ”اسان سڀ گڏجي هڪ ٿي پيار جا ڏيئا ٻاريون“ مهم جو مقصد هي آهي ته هن وقت معاشري ۽ ملڪ جي اندر جيڪو عدم برداشت آهي، ملڪ جي اندر هڪ ٻي جي اختلاف راءِ ٻڌڻ جو حوصلو نه آهي، جيڪو جارحاڻو رويو، جيڪو اسان پنهنجي ڀرپاسي ڏسون ٿا ۽ جيڪو انهن جا اثر اسان تي آهن، انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هي مهم آهي، هن چيو ته ملڪ جيتري به ترقي ڪري وٺي جيستائين ان ۾ رهندڙ جي اندر اخوت، گڏ رهڻ ۽ پيار جو جذبو نه هجي ته اهڙيون قومون ڪڏهن ترقي نٿيون ڪن، مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ مان عدم برداشت جو خاتمو ڪرڻ اڻٽر آهي، اتحاد يگانگت کانسواءِ ڪا قوم به ترقي نٿي ڪري سگهي، اسان جي اندر اخوت جو جذبو ڪڏهن ختم نٿو ٿي سگهي، موجوده حالتن ۾ ٻارن ۾ قومي جذبو اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته 23 مارچ هر سال ملهايو ويندو آهي، ان کي هڪ ڏينهن تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي، علامه اقبال جي شاعري کان ٻارن کي فائدو وٺڻ گهرجي، ان کان اڳ مملڪتي وزير نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ تحريڪ پاڪستان بابت 200 ناياب تصويرون ڏٺيون، مملڪتي وزير پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايو، ان کانپوءِ تقريب ۾ مصوري، حوصلا افزائي، مضمون نويسي ۽ ڊرائنگ جي مقابلن ۾ به نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ ۽ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا ، مملڪتي وزير ان موقعي تي ڪيڪ به ڪٽيو.