پاڪستان ۽ مصر کي دهشتگردي جي مسئلي سميت هڪ جهڙا چئلينجز درپيش آهن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان ۽ مصر کي دهشتگردي جي مسئلي سميت هڪ جهڙا چئلينجز درپيش آهن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر کي دهشتگردي جي مسئلي سميت هڪ جهڙا چئلينجز درپيش آهن، مصر جي مفتي اعظم جو دورو پاڪستان ۽ سندس پاران پاڪستان جي سمورن مڪتب فڪر جي 1800 کان وڌيڪ عالمن جي دهشتگردي جي خلاف فتويٰ جي توثيق سان انتهاپسنداڻي ذهنيت کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ وڌيڪ سگهه ملندي، هن اها ڳاله مصر جي مفتي اعظم ڊاڪٽر شوڪي ابراهيم عبدالڪريم سان خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ڳالهائيندي چئي، مذهبي معاملن وارو وزير سردار محمد يوسف، مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه ۽ مصر جو سفير احمد محمد فضل يعقوب به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اسلامي ڪاز لاءِ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان جي حڪومت مفتي اعظم ڊاڪٽر شوڪي ابراهيم عبدالڪريم کي ”هلال قائداعظم“ جو اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم مصر جي مفتي اعظم جي آجيان ڪندي چيو ته سندس دوري سان پاڪ مصر ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي سگهه حاصل ٿيندي، هن جامعه الازهر جي فڪري ۽ تعليمي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اهو ادارو اسلامي دنيا ۾ اعتدال جو آواز رهيو آهي، وزيراعظم گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ علم ۽ مهارت جي مٽاسٽا لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شاگردن ۽ مذهبي اڳواڻن جي دورن جي مٽاسٽا سميت سمورن سطحن تي وسيع تر رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو. مفتي اعظم ڊاڪٽر شوڪي ابراهيم عبدالڪريم دوري دوران پاڪستاني حڪومت طرفان پرجوش آجيان ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، هن ”پيغام پاڪستان“ جي قدم ۽ مذهبي رواداري جي فروغ جي باري ۾ عالمي ڪانفرنس جي انعقاد کي ساراهيندي چيو ته ان سان دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻين ڪوششن جي حوالي سان هڪ ڀرپور پيغام ويندو، هن مصر جي حڪومت ۽ عوام طرفان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائون به پهچايون۔