پاڪستاني قوم هڪ عظيم قوم آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستاني قوم هڪ عظيم قوم آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستاني قوم هڪ عظيم قوم آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي گڏيل ذميداري آهي، يقين آهي ته گڏيل اتفاق سان اسان هن ملڪ کي ترقي ۽ امن جو ڳڙهه بڻائي وٺنداسين. هن اها ڳالهه يوم پاڪستان جي حوالي سان پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي طرفان خميس ڏينهن جاري ڪيل نشرياتي پيغام ۾ چئي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستاني قوم هڪ عظيم قوم آهي، امن ۽ خوشحالي لاءِ اسان جو جذبو لازوال آهي، اسان کي يقين آهي ته گڏيل اتفاق سان اسان هن ملڪ کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي وٺنداسين، هن چيو ته هي وطن اقبال جو خواب ۽ اسان جي وڏن جو لازوال تحفو آهي، ان جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي گڏيل ذميداري آهي، هن ان موقعي تي يوم پاڪستان جي حوالي سان جاري آفيشل گيت جي هڪ سٽ به پڙهي ”هر هڪ پاڪستاني پڪاريو پاڪستان، امن جو نشان هي اسان جو پاڪستان“.