پاڪستان شاندار موقعن جي سرزمين آهي: صدر ممنون حسين

پاڪستان شاندار موقعن جي سرزمين آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مارچ2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان شاندار موقعن جي سرزمين آهي، جنهن سان اسان جا دوست ملڪ خاص طور وچ ايشيائي ملڪ سڀ کان وڌيڪ فائدو وٺي سگهن ٿا، پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي قيام کانپوءِ وچ ايشيائي ملڪن لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پيدا ٿي ويا آهن، جيڪي انهن ملڪن جي گڏيل مفادن ۾ هوندا، اها ڳالهه هن ”پاڪستان موقعن جي سرزمين“ جي موضوع تي عالمي سيمينار جي سينئر نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان موقعي تي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزرز ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعه لاڳاپيل ملڪن جا سفير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا، صدر چيو ته وچ ايشيا جي ملڪن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رشتا آهن، جيڪي زندگي جي ٻين شعبن ۾ اسان جي تعاون کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي ڇڏيندا آهن، هن چيو ته پاڪستان چين اقتصادي لنگهه جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ بي شمار نوان موقعا پيدا ٿي ويندا جنهن سان وچ ايشيائي ملڪ خاص طور تي فائدو وٺي سگهندا. ان مقصد جي لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي وچ ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ، ٻنهي سطحن تي لاڳاپن کي فروغ ڏنو وڃي، زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل وفد وڌ کان وڌ دورا ڪن ته جيئن مختلف شعبن جا ماهر ان ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولي ان جا فائدا عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ڪري سگهن، صدر چيو ته خطي ۾ پيدا ٿيڻ واري انتهاپسندي ۽ دهشتگردي سبب گڏيل واپار ۽ ٻيون واپاري سرگرمين ۾ روڪاوٽون پيدا ٿي ويون هيو پر حڪومت پاڪستان آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد جي ذريعي دهشتگردي تي ضابطو آڻي ورتو آهي، دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه ڪري رهيا آهيون، جنهن جي نتيجي ۾ امن امان بهتر ٿي رهيو آهي ۽ صنعتي ۽ واپاري سرگرميون زور پڪڙي رهيون آهن، صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان دفاعي ساز ۽ سامان سميت ڪيترن ئي ٻين شعبن ۾ انتهائي معياري مصنوعات تيار ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪارڪردگي ۾ اعليٰ ترين معيار تي پورو لهنديون آهن، پر قيمت ۾ عالمي مارڪيٽ کان گهڻو گهٽ آهن، وچ ايشيائي ملڪ ان شعبي ۾ پاڪستان جي تجربن ۽ مصنوعات مان فائدو وٺي سگهن ٿا، اهڙي طرح دفاع سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن سان تعلق رکندڙ تربيتي ادارا ۽ دوست ملڪن جا نوجوان آفيسر تربيت حاصل ڪري سگهن ٿا. وفد ۾ ازبڪستان جو اڳوڻو نائب وزيراعظم، چيمبر آف ڪامرس جو چيئرمين اقرامون آدم الهامووچ، نيشنل انسٽيٽيٽو آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز ڪرغزستان جو بيدوليتوف نورا دل ايسن بڪووچ، قزاقستان اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز انسٽيٽيوٽ جي جارجي دبووٽسو، تاجڪستان جي اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز سينٽر جي ڊائريڪٽر خدا بردي خليق نظر، ترڪمانستان جي معيشت واري نائب وزير مردان بيرام درد يوو کانسواءِ جمهوريه ڪرغزستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان جا سفير به موجود هئا.