دفاع واري وفاقي وزير سان چيف آف ايئر اسٽاف جي ملاقات

دفاع واري وفاقي وزير سان چيف آف ايئر اسٽاف جي ملاقات

راولپنڊي (پاکستان نیوزپوائنٹ 20مارچ2018ء) دفاع واري وفاقي وزير انجنيئر دستگير خان سان چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان دفاع واري وزارت ۾ اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران دفاع واري وزير ايئر چيف مارشل کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ قوم جي فضائن جي محافظ فضائيه کي پي اي ايف جي 21 هين صدي موجب بڻائڻ ۾ ڪاميابي جون ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. دفاع واري وزير ۽ ايئر چيف مارشل موجوده اسٽريٽجڪ صورتحال ۽ ملڪ کي درپيش چئلينجن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، دفاع واري وزير ايئر چيف کي پاڪستان ايئر فورس جي آپريشنز ۽ جديد ترين تربيت ۽ پي اي ايف کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جي آڇ ڪئي. ان موقعي تي ايئر چيف مارشل دفاع واري وزير کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ايئر فورس سڄي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ چوڪس آهي ۽ انشاءُ الله ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال ۾ ملڪي دفاع لاءِ پهرين صف جي طور تي سڀني کان اڳيان هوندي.