قومي اسيمبلي جي شماريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي شماريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 20مارچ2018ء) قومي اسيمبلي جي شماريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي شماريات بابت پاڪستان بيورو کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ آباديات، موسميات، نوجوانن ۽ موت جي شرح جي حوالي سان انگ اکر جوڙيا وڃن ته جيئن انهن شعبن بابت مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مناسب پاليسي سازي ڪري سگهجي. ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ جي صنعت واري سيڪريٽري ۽ سنڌ جي شماريات واري بيورو کي به هدايت ڪئي ته هو ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائين ته جئين صوبي ۾ صنعتي سروي بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺي سگهجي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته اعتبار جوڳي ڊيٽا سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پاليسين جي جوڙجڪ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي، هر صوبي کي پابند بڻايو وڃي ته هو شماريات بابت پاڪستان بيورو کي ڊيٽا فراهم ڪري، هن ڊيٽا کي مستند ۽ قابل اعتبار بڻائن لاءِ انگ اکر جمع ڪرڻ جي طريقيڪار تي نظرثاني جي ضرورت آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي اقتصادي ترقي لاءِ مناسب پاليسي سازي ڪري سگهجي. پاڪستان بيورو براءِ شماريات جي عملدارن ڪميٽي کي ڊيٽا جمع ڪرڻ جي مختلف طريقن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته پرائمري ۽ سيڪنڊري ٻه طرح جي ڊيٽا آهي، پرائمري ڊيٽا سوال نامن جي ذريعي جمع ڪئي ويندي آهي ۽ بنيادي معلومات ڳڻپ ڪندڙن جي ذريعي حاصل ڪئي ويندي آهي جڏهن ته سيڪنڊري ڊيٽا مختلف ادارن جي ذريعي حاصل ڪئي ويندي آهي، پي بي ايس جي عملدارن چيو ته بيورو قيمتن جي رجحانن، ليبر ۽ ڊيموگرافڪ سروي سان گڏوگڏ سماجي ۽ صحت سان لاڳاپيل اشارن جو جائزو وٺڻ لاءِ باقاعدگي سان سرويز جو انعقاد ڪندو آهي، شماريات واري سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته آدمشماري ۽ گهر شماري جا نتيجا جوڙڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ ڇپائي جي لاءِ ايندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين حڪومت کي پيش ڪيو ويندو، اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر شذره منصب علي خان، رومينه خورشيد عالم، صبيحه نذير، ڊاڪٽر نفيسه شاهه، لال چند مالهي ۽ عاقب الله کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن به شرڪت ڪئي.