مخالف ڌر کي نگران سيٽ اپ جي لاءِ اتفاق ڪرڻ گهرجي: احسن اقبال

مخالف ڌر کي نگران سيٽ اپ جي لاءِ اتفاق ڪرڻ گهرجي: احسن اقبال

لاهور (پاکستان نیوزپوائنٹ 17مارچ2018ء) وفاقي گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مخالف ڌر کي نگران سيٽ اپ جي لاءِ اتفاق ڪرڻ گهرجي، دنيا کي باور ڪرائڻو پوندو ته پاڪستان ۾ جمهوري قوتن ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، چونڊون وقت تي ٿينديون، سينيٽ چونڊن ۾ کٽيندڙ هارجي ويا ۽ هارائيندڙ کٽي ويا، پاڪستان ۾ ايتريون رانديون کيڏيون ويون آهن جو ماڻهن انهن تي اعتبار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، پروپئگنڊه ڪندڙن تي هاڻي عوام اعتبار نه ڪري رهي آهي، پاڪستان هاڻي گذريل 5 سالن وارو پاڪستان نه آهي، اڳ ۾ پاڪستان کي خطرناڪ ملڪ تصور ڪيو ويندو هو هاڻي معاشي طور مضبوط ملڪ بڻجي ويو آهي، هن وقت ضرورت آهي ته پاڪستان ۾ پاليسين ۽ جمهوري عمل جو تسلسل جاري رهي، سي پيڪ سان موٽرويز ۽ ٽيڪنالاجي سينٽر بڻجي رهيا آهن جيڪو اڀرندڙ پاڪستان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نادرا هيڊ آفيس لاهور ۾ نادرا موبائيل رجسٽريشن ڪار سروس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊي جي نادرا پنجاب سيد ثقلين بخاري پڻ موجود هو. وفاقي گهرو وزير چيو ته 2018ع چونڊن جو سال آهي ووٽر لسٽ جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ بنيادي ضرورت آهي. نادرا سروسز کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ پکيڙي رهيا آهيون ته جيئن گهر گهر وڃي ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ اهي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري سگهن. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوري قوتون مضبوط آهن عوام جمهوريت جي نگهبان ۽ مالڪ آهي. پاڪستان کي ايڪيهين صدي ۾ معاشي طور ڪامياب ترين پهرين 25 معيشتن ۾ شامل ڪنداسين. گهرو وزير چيو ته اڳ ۾ به چونڊن جي وقت جمهوريت کي سبوتاز ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، اسان جون مخالف قوتون ڊنل آهن ته ڪٿي (ن) ليگ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه حاصل ڪري وٺي ان لاءِ جمهوريت جو رستو روڪڻ جي لاءِ حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ پروفيسر احسن اقبال چيو ته مشرف هاڻي جنرل مشرف نه پر سياسي پارٽي جو سربراهه ۽ سياستدان آهي هو عام شهري آهي جيڪڏهن هن ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم پنهنجي سخت بيمار گهرواريءَ کي ڇڏي عدالت ۾ حاضريون ڏئي سگهي ٿو ته هڪ صحتمند ماڻهو کي به عدالت جي آڏو پيش ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن مشرف 16 مارچ تائين واپسي جي خاطري نه ڪرائي ته نادرا کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ آفيس کي پاسپورٽ ضبط ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي کي ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ چونداسين. هن چيو ته مشرف سيڪيورٽي کان نه گهٻرائي عدالت ۾ پيش ٿئي ته سندس عزت ٿيندي۔