موجوده قومي اسيمبلي پاران 16 مارچ 2018ع تائين 164 بلز منظور

موجوده قومي اسيمبلي پاران  16 مارچ 2018ع تائين 164 بلز منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 17مارچ2018ء) موجوده قومي اسيمبلي 16 مارچ 2018ع تائين 164 بلز منظور ڪيا آهن، ڌرڻن ۽ عدم استحڪام جي ٻين ڪوششن جي باوجود موجوده اسيمبلي ۾ نمايان قانونسازي ٿي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ذريعن موجب هلندڙ قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال پهرين جون 2013ع کان 31 مئي 2014ع دوران موجوده اسيمبلي 11 بلز منظور ڪيا، ڌرڻن ۽ ٻي غير يقيني واري صورتحال جي ڪري ٻئي پارلياماني سال دوران رڳو 8 بلز منظور ٿي سگهيا، جڏهن ته ٽئين پارلياماني سال دوران 50 بلز منظور ڪيا ويا، چوٿين پارلياماني سال دوران 56 جڏهن ته آخري جاري پارلياماني سال 6 مارچ 2018ع تائين 49 بلز منظور ڪيا ويا آهن جڏهن ته موجوده اسيمبلي جو آخري پارلياماني سال 31 مئي تي پڄاڻي تي پهچندو۔