گذريل ٻن سالن جي دوران 815 ميٽرڪ ٽن ڀارتي چانهه افغانستان وئي: رانا محمد افضل

گذريل ٻن سالن جي دوران 815 ميٽرڪ ٽن ڀارتي چانهه افغانستان وئي: رانا محمد افضل

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16مارچ2018ء) ناڻي واري مملڪتي وزير رانا محمد افضل قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته گذريل ٻن سالن جي دوران 815 ميٽرڪ ٽن ڀارتي چانهه افغانستان وئي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران آسيه ناصر جي سوال جي جواب ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير رانا محمد افضل ٻڌايو ته 17 -2016ع ۾ 500 ميٽرڪ ٽن ڀارتي چانهه افغانستان وئي جڏهن ته 18-2017ع دوران جولاءِ کان فيبروري تائين 315 ميٽرڪ ٽن مقدار رهيو، ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي سوال جي جواب ۾ رانا افضل ٻڌايو ته 2013ع کان 2017ع تائين مينوفيڪچرنگ جي مجموعي شرح 4.66 سيڪڙو رهي، جڏهن ته جولاءِ کان فيبروري 2018ع تائين ناڻي واڌ جي شرح 3.84 سيڪڙو رهي.