ڀارت سان مختلف ڊيمن جي ڊزائين جي حوالي سان ڳالهين جو آغاز جلد ٿيندو: جاويد علي شاهه

ڀارت سان مختلف ڊيمن جي ڊزائين جي حوالي سان ڳالهين جو آغاز جلد ٿيندو: جاويد علي شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 14مارچ2018ء) ) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد جاويد علي شاهه قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته ڀارت سان مختلف ڊيمن جي ڊزائين جي حوالي سان ڳالهين جو آغاز جلد ٿيندو، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران آبي وسيلن واري وزير سيد جاويد علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ ايوان کي ٻڌايو ته ڀارت سان ڊيمن جي ڊزائين جي حوالي سان ڳالهين جو آغاز جلد ٿيندو، اميد آهي ته ڳالهين سان ان مسئلي جو حل نڪري ايندو، هن ٻڌايو ته نيشنل واٽر پاليسي مسودي تي عملدرآمد جي تجويز ڪيل طريقيڪار موجب 19 مختلف ادارا نگران هوندا، ان قومي پاليسي جي منظوري کان فوري بعد عملدرآمد لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي پنهنجي ڪم جو آغاز ڪندي، هن ٻڌايو ته چنيوٽ ڊيم منصوبو اڃا جائزي جي مرحلي ۾ آهي، منصوبي تي عملدرآمد پي سي ون جي منظوري ۽ فنڊز مخصوص ڪرڻ يا جاري ڪرڻ کانپوءِ شروع ڪيو ويندو.