معاشري ۾ ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

معاشري ۾ ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته معاشري ۾ ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، ميڊيا کي ان بابت والدين ۽ ٻارن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو قومي فرض ادا ڪرڻ گهرجي، پنجاب حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نظام جوڙڻ ۽ فرانزڪ ليبارٽري قائم ڪئي آهي جنهن مان ٻيا صوبا به فائدو کڻي رهيا آهن، زينب ۽ عاصمه ڪيس اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آهن، سمورين اسيمبلين ان حوالي سان قانونسازي جي لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي قائم ڪيل چائلڊ پروٽيڪشن ڪميٽي موجوده قانونن، ليگل فريم ورڪ ۽ قاعدن ۽ ضابطن ۾ موثر بهترين جي لاءِ ان جو جائزو وٺي 30 ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، وفاق ۽ صوبن ۾ پائيدار ترقيافتي هدف (ايس ڊي جيز) بابت ٽاسڪ فورس ڪم ڪري رهيا آهن، يونيسيف پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻڻ ۾ حصيدار آهي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي يونيسيف جي اهتمام هيٺ پاڪستان ۾ چائلڊ پروٽيڪشن، ڪيس مئنيجمينٽ ۽ ريفرل سسٽم جي موضوع تي ورڪشاپ کي خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهي هئي. هن چيو ته ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ معاشرتي رويا تبديل ڪرڻ، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين جي گڏيل سوچ ۽ ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته تصور جهڙن واقعن کي سامهون آڻڻ ميڊيا جي ذميواري آهي، جڏهن ته ان کي اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سماجي ذميواري پڻ پوري ڪرڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ٻارن جي تحفظ جي لاءِ ٺوس قانونسازي ڪرڻ تي مبارڪباد جا مستحق آهن، اهڙي قانونسازي سان ماڻهن ۾ اهو اعتماد پيدا ٿئي ٿو ته حڪومت معاشري ۾ ان مسئلي جي حل لاءِ سنجيده ۽ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان حوالي سان بهترين قانون موجود آهن جڏهن ته ان تي عملدرآمد ۾ مئسلا آهن. هن چيو ته زينب ۽ عاصمه ڪيس ميڊيا ۾ رپورٽ ڪيا ويا، زينب ۽ عاصمه ڪيس اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آهن ۽ سمورين اسيمبلين ان حوالي سان قانونسازي جي لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چائلڊ پروٽيڪشن بابت ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا ان حوالي سان آئين سازي جي لاءِ 30 ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، ڪميٽي موجوده قانونن، ليگل فريم ورڪ ۽ قاعدن ۽ ضابطن ۾ موثر بهتري جي لاءِ انهن جو جائزو وٺي رهي آهي. هن چيو ته ڪنهن به ڪيس ۾ پراسيڪيوشن جو اهم ڪردار هوندو آهي، اهڙا ڪيس عام طور تي آساني سان داخل نه ٿا ٿين، والدين کي اهڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پون ٿيون. هن چيو ته زينب ڪيس کي هڪ نموني طور ورتو آهي، پنجاب حڪومت ڪيس رجسٽرڊ ڪرائڻ ۾ متاثرين کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جي معاونت ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪميٽي پنهنجي سفارشن ۾ سول سوسائٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي راءِ کي پڻ شامل ڪندي. هن چيو ته ٻارن ۽ والدين ۾ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ نصاب ۾ مضمون شامل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پنجاب حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نظام جوڙيو آهي ۽ فرانزڪ ليبارٽري قائم ڪئي آهي جنهن مان ٻيا صوبا به فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته ٻارن سان زيادتي جهڙي ڪڌي فعل جي خلاف تعاون ۽ عالمي سطح جي معيار جي ڊيٽا فراهم ڪندڙ عالمي حصيدارن جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته يونيسيف نه رڳو پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻڻ ۾ حصيدار آهي پر ڊيٽا فراهم ڪري عملي جي صلاحيتن ۾ بهتري جي لاءِ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 35 ۾ ماءُ ۽ ٻار جي تحفظ تي زور ڏنو ويو آهي ۽ حڪومت ان حوالي سان ٺوس قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن جي اختيارن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ اهي پنهنجي مقامي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ قانونسازي ڪري رهيا آهن. وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ صوبن کي مڪمل تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ پائيدار ترقياتي هدفن بابت ٽاسڪ فورس ڪم ڪري رهي آهي جيڪا لاڳاپيل اسيمبلين ۾ قانونسازي بابت ڊيٽا فراهم ڪرڻ ۾ معاونت ڪري رهي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ قائم ڪيو آهي.