وزيراعظم جي ٽيلي نار گروپ ۽ آنٽ فنانشل سروسز گروپ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت

وزيراعظم جي ٽيلي نار گروپ ۽ آنٽ فنانشل سروسز گروپ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي موبائيل فنانشل سيڪٽر ۾ 184.5 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي معاهدي جي حوالي سان ٽيلي نار گروپ ۽ آنٽ فنانشل سروسز گروپ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير انوشه رحمان، پاڪستان ۾ چيني سفير يائو جنگ، پاڪستان ۾ ناروي جي سفير توري نيڊريبو ۽ ڄاڻايل ٻنهي ادارن جي سينيئر عهديدارن شرڪت ڪئي. مفاهمت جي ياداشت موجب آنٽ فنانشل سروسز گروپ ٽيلي نار مائيڪرو فنانس بئنڪ ۾ 184.5 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي جيڪو ٽيلي نار گروپ جو ذيلي ادارو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ان حصيداري کي ساراهيندي چيو ته اهو پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان سازگار حڪومتي پاليسين جو عڪاس آهي. هن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ آنٽ فنانشل جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حوالي سان ٽيلي نار جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اها حصيدار ڊجيٽل پيمنٽ سلوشنز جي ذريعي مالياتي خدمتن تائين وسيع تر پهچ ۾ مددگار ٿيندو.