وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان پاڪ فضائيه جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان جي ملاقات

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان پاڪ فضائيه جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪ فضائيه جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان جي ملڪ جي دفاع لاءِ شاندار خدمتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم ايئر چيف جي ايندڙ زندگي ۽ ڪاوشن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. عهدو ڇڏيندڙ پاڪ فضائيه جي سربراهه ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم سندس مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، گهرو وزير احسن اقبال، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل زبير محمود حيات، قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.