سينيٽ جي پنهنجي حيثيت آهي، عام چونڊون 2018ع ۾ عوام مسلم ليگ (ن) جو ڀرپور ساٿ ڏيندي: ميان عبدالمنان

سينيٽ جي پنهنجي حيثيت آهي، عام چونڊون 2018ع ۾ عوام مسلم ليگ (ن) جو ڀرپور ساٿ ڏيندي: ميان عبدالمنان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان عبدالمنان چيو آهي ته سينيٽ جي پنهنجي حيثيت آهي، عام چونڊون 2018ع ۾ عوام مسلم ليگ (ن) جو ڀرپور ساٿ ڏيندي. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عام چونڊون 2018ع تي سينيٽ جي چونڊن جو ڪو به اثر نه پوندو، عوام عام چونڊن ۾ به مسلم ليگ (ن) کي ڪامياب ڪرائيندي، هن چيو ته بلوچستان جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪرڻ جو رد عمل ضرور ايندو، ميان عبدالمنان چيو ته هاڻي پوري قوم کي خبر پئجي وئي آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪنهن راند ڪئي.