سينيٽ چونڊون جمهوري طريقي سان ناهن ٿيون: طاهره اورنگزيب

سينيٽ چونڊون جمهوري طريقي سان ناهن ٿيون: طاهره اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب چيو آهي ته سينيٽ چونڊون جمهوري طريقي سان ناهن ٿيون، ميمبرن جو مبينه خريد ۽ وڪرو غلط آهي، اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ چونڊن جو جمهوري عمل جي ذريعي مڪمل ٿيڻ خوش آئنده آهي پر جمهوري طريقي سان نه هجڻ تي افسوس ٿيو، جن ماڻهن ڪنهن جي اشاري تي ووٽ وڌا يا قيمت وصول ڪئي اهو غلط آهي، هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن جا اثر 2018ع جي عام چونڊن تي نه پوندا، ووٽرز پنهنجي نظريي تحت پارٽي کي ووٽ ڏيندا.