سينيٽ هائوس آف فيڊريشن آهي، جيڪڏهن ان جي اليڪشن ۾ پئسي ۽ طاقت جو استعمال ٿيندو ته ملڪ جا بنياد ڌڏي ويندا: محمود خان اچڪزئي

سينيٽ هائوس آف فيڊريشن آهي، جيڪڏهن ان جي اليڪشن ۾ پئسي ۽ طاقت جو استعمال ٿيندو ته ملڪ جا بنياد ڌڏي ويندا: محمود خان اچڪزئي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته سينيٽ هائوس آف فيڊريشن آهي، جيڪڏهن ان جي اليڪشن ۾ پئسي ۽ طاقت جو استعمال ٿيندو ته ملڪ جا بنياد ڌڏي ويندا، سينيٽ اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تاريخ جو ڪارو داغ آهي، سينيٽ اليڪشن ۾ اسان جمهوريت جي جنگ هاري چڪا آهيون، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي محمود خان اچڪزئي چيو ته اڄ نجي ڪارروائي جو ڏينهن آهي پر انتهائي اهم مسئلي تي تاريخي آئيني فرض ادا ڪرڻ لاءِ ڳالهه ڪري رهيو آهيان، هن چيو ته پاڪستان وفاقي ڌرين جو مجموعو آهي ۽ سڀ پاڻ کي پاڪستاني چوندا آهن، اسان سڀ آئين تحت پاڻ ۾ ڳنڍيل آهيون، سينيٽ هائوس آف فيڊريشن آهي، جيڪڏهن ان جي چونڊن ۾ پئسي ۽ طاقت جو استعمال ٿيندو ته پاڪستان جا بنياد ڌڏي ويندا، مون بلوچستان جي اليڪشن جي حوالي سان ٻاهرين مداخلت جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو هو ته ان جي جاچ ڪرائي وڃي، هن چيو ته گذريل ڏينهن اسان پئسي ۽ طاقت جي نتيجي ۾ جمهوريت جي جنگ هاري چڪا آهيون، هن پلاسي جي جنگ جي ميدان ۾ مير جعفر ۽ مير صادق جي غداري ۽ ٽيپو سلطان جي شهادت جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته ان جي نتيجي ۾ ننڍو کنڊ 300 سال تائين غلام رهيو، هن چيو ته اسان کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته اسان گهٽين ۽ چوراهن جو رخ ڪريون، هن چيو ته سينيٽ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تاريخ جو ڪارو داغ آهي، سمورين جمهوري پارٽين کي اپيل ڪريان ٿو ته اسان جي اتحاد ۽ اتفاق جو وقت اچي ويو آهي، آئون جمهوري ۽ غير جمهوري قوتن جي وچ ۾ جنگ جو سپاهي آهيان آئون آئين سان گڏ آهيان ۽ آئين کي اورانگهيندڙ جو ساٿ نٿو ڏئي سگهان۔