قومي اسيمبلي ۾ معذورن بابت قومي ڪميشن بل 2018ع پيش

قومي اسيمبلي ۾ معذورن بابت قومي ڪميشن بل 2018ع پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) قومي اسيمبلي ۾ معذورن بابت قومي ڪميشن بل 2018ع پيش ڪيو ويو آهي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر نگهت شڪيل خان رٿ پيش ڪئي ته معذورن بابت قومي ڪميشن بل 2018ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، حڪومت طرفان ممتاز تارڙ بل جي مخالفت نه ڪئي، ڊاڪٽر نگهت شڪيل خان چيو ته معذور ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ان بل سان معذور ماڻهن جي لاءِ قومي ڪميشن جوڙي سگهبي، ڊاڪٽر نگهت شڪيل خان ايوان مان اجازت ملڻ تي بل ايوان ۾ پيش ڪيو.