سينيٽ اليڪشن ۾ سازش ٿي آهي: ڪيپٽن (ر) صفدر

سينيٽ اليڪشن ۾ سازش ٿي آهي: ڪيپٽن (ر) صفدر

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ سازش ٿي آهي، نواز شريف ان نظام کي بدلائڻ طرف نڪتو آهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن هي پاڪستان ڏنو، ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي پر ان جو نظريو زنده رهيو، گذريل ڏينهن ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، اسان سينيٽ ۾ هارايو پر اسان جنگ نه هارائينداسين، محمود خان اچڪزئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته بلوچستان ۾ عدم اعتماد ڪيئن ٿيو، 28 جولاءِ جو فيصلو سي پيڪ جي خلاف سازش آهي، بلوچستان ۾ عدم اعتماد ٻي سازش هئي ۽ هاڻي سينيٽ اليڪشن ۾ ٽين ٿي سازش آهي، پيپلزپارٽي جي جڏهن پنهنجي حڪومت هئي تڏهن ان کي بلوچستان ياد نه آيو، نواز شريف هڪ اهڙي نظام کي بدلائڻ طرف نڪري چڪو آهي، آئون پنهنجي قائد جي لاءِ ڦاهي تي چڙهڻ وارو پهريون شخص هوندس، ڪيپٽن صفدر چيو ته اسان کي سزائن سان نه ڊيڄاريو وڃي، ڇا هن پارليامينٽ جي پنهنجي عزت ناهي، ڇا سياسي قائدين جو احترام نه آهي، سينيٽ چونڊن ۾ نواز شريف هارايو نه آهي، هو مستقبل جي جنگ کٽي ويندو، رضا رباني جي اندر ذوالفقار علي ڀٽو جو نظريو آهي اسان ان سان گڏ بيٺل رهنداسين.