محمد نواز شريف هن مرحلي تي به نه ته خريد ۽ وڪرو ڪيو ۽ نه ئي خريد ۽ وڪرو ٿيڻ ڏنو اها سندس نظريي ۽ موقف جي فتح آهي، هو اڄ به اصولن تي بيٺل آهي، وڏو مرحلو 2018ع جون عام چونڊون آهن ان ۾ عوام اصولن تي بيٺل پارٽي کي ووٽ ڏئي ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جي نظريي کي کٽرائيندي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

محمد نواز شريف هن مرحلي تي به نه ته خريد ۽ وڪرو ڪيو ۽ نه ئي خريد ۽ وڪرو ٿيڻ ڏنو اها سندس نظريي ۽ موقف جي فتح آهي، هو اڄ به اصولن تي بيٺل آهي، وڏو مرحلو 2018ع جون عام چونڊون آهن ان ۾ عوام اصولن تي بيٺل پارٽي کي ووٽ ڏئي ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جي نظريي کي کٽرائيندي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 12مارچ2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف هن مرحلي تي به نه ته خريد ۽ وڪرو ڪيو ۽ نه ئي خريد ۽ وڪرو ٿيڻ ڏنو اها سندس نظريي ۽ موقف جي فتح آهي، هو اڄ به اصولن تي بيٺل آهي، وڏو مرحلو 2018ع جون عام چونڊون آهن ان ۾ عوام اصولن تي بيٺل پارٽي کي ووٽ ڏئي ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جي نظريي کي کٽرائيندي، تبديلي ۽ انقلاب جو نعرو هڻندڙن جو ڀيانڪ چهرو اڀري سامهون اچي ويو آهي، ساڍا چار سال اڳ هڪ ٻئي کي نقلي خان ۽ چور چوندڙ سينيٽ هال ۾ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ملي رهيا هئا، پاڪستان جي غيرتمند عوام ماضي ۾ ڪرپشن جا اعليٰ مثال قائم ڪندڙن کي 2018ع جي عام چونڊن ۾ به رد ڪندي، سينيٽ اليڪشن رزلٽ اچي وئي آهي جنهن جنهن چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي نامزد اميدوار کي ووٽ نه ڏنا ان جمهوريت ۽ ضمير جو سودو ڪيو آهي، غيرجمهوري عنصر پوري قوم آڏو بي نقاب ٿي چڪا آهن، فتح سدائين اصولن تي هلندڙن جي ٿيندي آهي، نامعلوم ماڻهو، امپائر جي آڱر ۽ ڪٺ پتلين جي سياست ڪندڙن پاڪستان جي جمهوري نظام کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ سدائين پٺيان کان وار ڪيو، بلوچستان جي چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرائڻ کانپوءِ اڄ ”زندهه آهي ڀٽو“ جو فلسفو ختم ٿي ويو آهي. هو ڪالهه سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ اصلي جمهوريت جو نقلي جمهوريت، جمهوري ۽ غيرجمهوري عنصرن جو مقابلو هو پر جنهن وقت اصلي جمهوري ماڻهو انهن غيرجمهوري عنصرن ۽ امپائر جي آڱر تي ڌمال وجهڻ شروع ڪن ٿا ۽ اينٽ سان اينٽ وڄائين ٿا هي اهو تسلسل آهي جيڪو بلوچستان جي حڪومت کان شروع ٿيو ۽ پوءِ ان جي ويهڪ ڪراچي ۾ ٿي، ايم ڪيو ايم جي ڪهاڻي به سڀ ماڻهو ڄاڻين ٿا جنهن جي ويهڪ سينيٽ جي هال ۾ ٿي اهو به سڄو پاڪستان ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو جيڪي امپائر جي آڱر جي اشاري تي 2014ع ۾ نچي رهيا هئا گذريل ڏينهن سينيٽ جي هال ۾ به بلڪل اهڙي طرح جو منظر هو ۽ اهي ماڻهو جيڪي اينٽ سان اينٽ وڄائي رهيا هئا انهن جو به اڄ اهو ئي منظر آهي پر هڪ شخص جيڪو اڄ به اصولن تي بيٺل آهي اڄ ان جي فتح ٿي آهي جيڪو گذريل 8 مهينن کان هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ۾ عوام جي ووٽ جو تقدس هجڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح بلڪل به نه ٿيڻ گهرجي ته ناليوارن جمهوري ماڻهن ۽ ناليوارن ليڊرن کي پاڪستان جي سياست مان ختم ڪيو وڃي ان جو تسلسل جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ جاري رهيو ان کي اڄ به پاڪستان جي پوري عوام ڏٺو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو هڪ ڀرم باقي هو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جا ماڻهو چوندا هئا ته ڀٽو اڄ به زندهه آهي پر اڄ اهو ڀرم به ختم ٿي ويو آهي ۽ ڀٽو صاحب جو فلسفو ختم ٿي ويو. هن چيو ته تبديلي ۽ انقلاب جا نعرا هڻندڙ اڄ انهن سان هٿ ملائي رهيا هئا ۽ انهن سان گڏجي ويا آهن جن ڪرپشن جا اعليٰ مثال قائم ڪيا هئا ۽ ماضي ۾ انهن کي پاڪستاني عوام رد ڪيو هو، انشاءَ الله هاڻي 2018ع جي عام چونڊن ۾ عوام رد ڪندي. مريم اورنگزيب چيو ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ ۽ پنجاب ۾ جهڙي طرح ووٽ خريد ڪيا ويا جهڙي طرح ماڻهو خريد ڪيا ويا ۽ جهڙي طرح ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ملايو ويو اهو اڄ ظاهر ٿي ويو آهي. بلوچستان جي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ان جو ئي تسلسل هو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جيڪا ان اصولي شخص، ليڊر ۽ ان نظريي سان گڏ بيٺل آهي ته پاڪستان جي اندر ووٽ جو تقدس ۽ ووٽ جي عزت هجڻ گهرجي، ان کي ۽ ان نظريي کي پاڪستاني عوام انشاءَ الله 2018ع جي عام چونڊن ۾ کٽرائيندي ۽ انهن نقلي جمهوري چهرن کي ۽ نامعلوم ماڻهن کي، غيرجمهوري قوتن کي ۽ اهي جمهوري ماڻهو جيڪي ڪارا چشما پائي جمهوريت جا نعرا هڻن ٿا ۽ اولهندي جمهوريت، ڪڏهن يو ڪي جي جمهوريت جو پاڪستان جي عوام کي درس ڏين ٿا ۽ ڪرپشن جي خاتمي جو ٺيڪو کنيو آهي، اڄ انهن ماڻهن پاڪستان جي سينيٽ جي چونڊن سان ڪرپشن ۽ ڌانڌلي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي ته ڪيئن اها ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ اهي شيون 2018ع جي چونڊن ۾ سامهون اينديون ۽ پاڪستان جي عوام ان جو جواب ڏيندي ۽ انشاءَ الله پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ محمد نواز شريف جي نظريي جي فتح ٿيندي. جڏهن ته سينيٽ چونڊن کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پوري پاڪستان جو سياسي محور اڄ به هڪ ئي شخص محمد نواز شريف جي چوڌاري آهي، محمد نواز شريف هڪ شخص نه پر هڪ نظريي ۽ جمهوريت جي علامت آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) واحد پارٽي آهي جنهن تي ڪير آڱر نه ٿو کڻي سگهي. هن چيو ته آصف زرداري ۽ عمران خان پردي پٺيان هٿ ملايو آهي، اڄ ٻيهر ٻه سياسي ڪزن گڏ ٿي چڪا آهن، تعجب آهي ٽيون ڇو نه آيو، امپائر جي آڱر تي ڌمال وجهندڙ ۽ اينٽ سان اينٽ وڄائيندڙ جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن ان کي پورو پاڪستان ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته سينيٽ ۾ فرحت الله بابر جي غيرموجودگي سان افسوس ٿيو آهي.