اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا جي رهنمائي ۾ پي ٽي وي اسپورٽس راندين جي 11 خصوصي پروگرامن جو فيصلو

اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا جي رهنمائي ۾ پي ٽي وي اسپورٽس راندين جي 11 خصوصي پروگرامن جو فيصلو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 12مارچ2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا جي رهنمائي ۾ پي ٽي وي اسپورٽس راندين جي 11 خصوصي پروگرامن سميت اسڪوائش، ڪرڪيٽ، فٽ بال، هاڪي، ٽينس ۽ عورتن جي راندين جي نشريات سميت فٽنس ۽ غذائيت جا پروگرام نشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب اهو قدم سرڪاري ٽيليويزن چينل جي پروگرامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جي سلسلي جي ڪڙي آهي. انهن پروگرامن ۽ نشريات جو مقصد خاص طور تي ٻارن ۽ نوجوانن کي مثبت طرز فڪر ۽ طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن ٻارن ۽ نوجوانن جي روين کي صحتمنداڻي انداز ۾ راندين جي سرگرمين ذريعي متحمل ۽ مثبت سوچ رکندڙ بڻائي سگهجي. پي ٽي وي سدائين عورتن جي راندين جي سرگرمين جي حوصلا افزائي ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به اهو سلسلو جاري رکيو ويندو، ان ڏس ۾ ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ مختلف راندين جي ايونٽس کي سڌوسنئون نشريات ذريعي ڏسندڙن تائين پهچايو ويندو. ذريعن موجب ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري جي ڏس ۾ پي ٽي وي جي نون پروگرامن سان فلم، موسيقي ۽ راندين جي واڌويجهه ۾ مدد ملندي. گذريل ڪجهه سالن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ امن امان جي صورتحال جي ٻين شعبن سان گڏوگڏ نه رڳو فلم، موسيقي ۽ ثقافت جا شعبا متاثر ٿيا هئا پر ان جي نتيجي ۾ ملڪ جي راندين جا ميدان به خالي ٿي ويا هئا، امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي کانپوءِ انهن شعبن جي بحالي ۽ نئين سر جوڙجڪ مشڪل پر اميد جو سفر شروع ٿي چڪو آهي. پي ٽي وي اسپورٽس پاران راندين، صحتمنداڻي سرگرمين ۽ فٽينس ۽ غذائيت جي پروگرامن جا انتهائي مثبت اثر پئجي رهيا آهن ڇو ته راندين جون سرگرميون مشڪل حالتن ۾ صبر ۽ برداشت جو پيغام ڏين ٿيون. ذريعن موجب انهن پروگرامن ۾ مختلف راندين ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ ليجنڊ رانديگرن جي ڪارنامن کي اجاگر ڪيو ويندو جيڪي پاڪستان جو اصل چهرو ۽ سڃاڻپ آهن. ذريعن موجب عدم برداشت جي خاتمي ۽ تحمل، ترقي يافته ۽ روشن پاڪستان جي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ پاڪستان ٽيليويزن پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ذريعن موجب راندين جي پروگرامن ۾ اضافي جو بنيادي مقصد سڄي ملڪ ۾ ڪميونٽيز ۽ نوجوانن کي وڌ کان وڌ مثبت سرگرمين ۾ مصروف ڪرڻ آهي، انهن پروگرامن جو مقصد رڳو راندين جي نشريات نه آهي پر اصل ۾ نوجوانن جي طرز فڪر ۽ روين ۾ مثبت تبديليون آڻڻ آهي۔