سينيٽ انضباط پيداوار، ترسيل ۽ ورڇ بجلي (ترميمي) بل 2017ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي

سينيٽ انضباط پيداوار، ترسيل ۽ ورڇ بجلي (ترميمي) بل 2017ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي

هرات (پاکستان نیوزپوائنٹ 23 فروری2018ء) سينيٽ انضباط پيداوار، ترسيل ۽ ورڇ بجلي (ترميمي) بل 2017ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران بجلي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري رٿ پيش ڪئي ته قانون انضباط پيداوار، ترسيل ۽ ورڇ بجلي 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم جي بل انضباط پيداوار، ترسيل ۽ ورڇ بجلي (ترميمي) بل 2017ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. سينيٽ رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، سينيٽ چيئرمين بل ايوان ۾ شقوار منظوري جي لاءِ پيش ڪيو. سينيٽر سليم مانڊوي والا بل تي اعتراض ڪيو ۽ ڪجهه شقن ۾ ترميم پيش ڪئي. سينيٽ چيئرمين غور هيٺ آندل بل تي حڪومت ۽ مخالف ڌر کي مفاهمت جي لاءِ 10 منٽن جو وقت ڏنو ۽ بل تي ڪارروائي روڪي ڇڏي ته جيئن حڪومت ۽ مخالف ڌر ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهن. ان دوران سينيٽ چيئرمين ميمبرن کي عوامي اهميت جي معاملن تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني، 10 منٽن کانپوءِ بل تي ڪارروائي ٻيهر شروع ٿي ته سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ بجلي واري وزير سردار اويس لغاري سينيٽ چيئرمين کي چيو ته بل تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي، حڪومت سينيٽر سليم مانڊوي والا پاران شق 5 ۾ ترميم تي راضي آهي جنهن تي چيئرمين بل تي شقوار منظوري جو عمل ٻيهر شروع ڪيو، سينيٽر سليم مانڊوي والا شق 5 ۾ ترميم پيش ڪئي جنهن جي ايوان اتفاق اءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته شق 10 سميت ڪجهه شقن ۾ ترميمون هن واپس وٺي ڇڏيون. سينيٽ چيئرمين بل جي شقوار منظوري وٺڻ کانپوءِ حتمي منظوري جي لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو. سينيٽ اتفاق راءِ سان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.