پاڪستان بحريه جديد ۽ پيشيواراڻن معاملن ۾ مهارت رکندڙ عسڪري ادارو آهي: چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي

پاڪستان بحريه جديد ۽ پيشيواراڻن معاملن ۾ مهارت رکندڙ عسڪري ادارو آهي: چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل  ظفر محمود عباسي

ڪراچي (پاکستان نیوزپوائنٹ 22 فروری2018ء) پاڪستان بحريه جديد ۽ پيشيواراڻن معاملن ۾ مهارت رکندڙ عسڪري ادارو آهي جيڪو ملڪ جي سامونڊي حدن جي حفاظت ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. ڪاٽي مان ڪالهه خميس ڏينهن جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) جي صدر طارق ملڪ جي قيادت ۾ ڪاٽي جي هڪ وفد سان ملاقات جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي ڪاٽي جو نائب صدر جنيد نقي، اڳوڻو صدر زبير ڇايا ۽ سيد فرخ مظهر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو ته مضبوط ۽ متوازن معيشت کانسواءِ ڪنهن به ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان ڪيترين ئي قدرتي نعمن سان مالامال آهي تنهن ڪري پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته سي پيڪ خطي ۾ هڪ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ ڪاميابي جي راهه ۾ اهو بنيادي ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي ڪاٽي جي صدر طارق ملڪ چيو ته واپاري برادري هن ملڪ جي صنعت ۽ واپار کي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ سدائين پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهي آهي. ان موقعي تي هن چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي کي ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.