رائل ملائيشين نيوي جي چيف ايڊمرل جي پاڪ بحريه جي سربراهه سان ملاقات، لاهور ۽ ڪراچي فيلڊ ڪمانڊز جو دورو

رائل ملائيشين نيوي جي چيف ايڊمرل جي پاڪ بحريه جي سربراهه سان ملاقات، لاهور ۽ ڪراچي فيلڊ ڪمانڊز جو دورو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 21 فروری2018ء)  رائل ملائيشين نيوي جي چيف ايڊمرل تان سري احمد قمرالزمان حاجي احمد بدرالدين پاڪ بحريه جي سربراهه سان ملاقات ڪئي ۽ لاهور ۽ ڪراچي فيلڊ ڪمانڊز جو دورو ڪيو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب رائل ملائيشين نيوي جي چيف ايڊمرل تان سري احمد قمرالزمان حاجي احمد بدرالدين پاڪستان جي سرڪاري دوري دوران نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي سان ملاقات ڪئي. دوري جي ٻئي مرحلي ۾ ايڊمرل تان سري احمد قمرالزمان حاجي احمد بدرالدين لاهور ۽ ڪراچي ۾ مقرر پاڪ بحريه جي نيول فيلڊز ڪمانڊز سان ملاقاتون ڪيون. معزز مهمان پاڪستان نيول وار ڪاليج لاهور جو دورو ڪيو ۽ ڪمانڊنٽ پي اين وار ڪاليج ريئر ايڊمرل نويد احمد رضوي سان ملاقات ڪئي. ڪراچي جي دوري دوران رائل ملائيشين نيوي جي چيف ڪمانڊر ڪراچي ريئرل ايڊمرل اطهر مختار، ڪمانڊر ڪوسٽ ريئرل ايڊمرل معظم الياس ۽ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ريئر ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران پيشيواراڻن معاملن ۽ ٻطرفي سامونڊي حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي رائل ملائيشين نيول چيف خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ سامونڊي دهشتگردي ۽ ڌاڙيلن جي خلاف تعاون مستقل اتحادي حصيداري ذريعي يقيني بڻائڻ ۾ پاڪ بحريه جي عزم ۽ خدمتن کي ساراهيو. ايڊمرل تان سري احمد قمرالزمان حاجي احمد بدرالدين مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ معزز مهمان پاڪ بحريه جي مختلف اسٽيبلشمينٽس ۽ جهازن جو دورو ڪيو. رائل ملائيشين نيول چيف جو اهو پاڪستان جو دورو ۽ ملائيشيا ۾ گڏيل دفاعي حصيداري ۾ عام ۽ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ خاص طور تي وڌيڪ استحڪام جو سبب بڻجندو.