پي ٽي وي ۾ تازين ڀرتين ۾ بي قاعدگين ۽ ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ جي ڳالهه صحيح نه آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

پي ٽي وي ۾ تازين ڀرتين ۾ بي قاعدگين ۽ ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ جي ڳالهه صحيح نه آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08ستمبر 2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پي ٽي وي ۾ تازين ڀرتين ۾ بي قاعدگين ۽ ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ جي ڳالهه صحيح نه آهي، پي ٽي وي ۾ هن وقت به بلوچستان جا ڪوٽا کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر جهانزيب جمالديني جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ رپورٽ پيش ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته پي ٽي وي ۾ تازين ڀرتين ۾ بيقاعدگين ۽ ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ جي ڳالهه صحيح نه آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۾ ڀرتي جي لاءِ بلوچستان جي ڪوٽا 5 سيڪڙو آهي جڏهن ته 5.31 سيڪڙو صوبائي ڪوٽا تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جڏهن مستقل ملازم اسان ڀرتي ڪنداسين ته انهن کي صوبائي ڪوٽا موجب ڀرتي ڪيو ويندو.