حڪومت راندين جي ڀرپور سرپرستي ڪري رهي آهي: وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده

حڪومت راندين جي ڀرپور سرپرستي ڪري رهي آهي: وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08ستمبر 2016ء) بين الصوبائي رابط واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته حڪومت راندين جي ڀرپور سرپرستي ڪري رهي آهي، آپريشن ضرب عضب سبب راندين جا ميدان ٻيهر آباد ٿي ويا آهن. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشاهد حسين سيد، ميان محمد عتيق شيخ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده ايوان کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ راندين جون سرگرميون محدود ٿي ويون آهن، بئنڪن، اسڪولن جون ٽيمون ختم ڪيون ويون آهن، دهشتگردي جي نظريي سبب رانديون نه ٿي رهيون آهن. هن چيو ته هاڪي کانسواءِ اولمپڪ گيمز ۾ اسان جو حصو گهٽ رهيو، حڪومت جو رڳو هڪ آفيسر ۽ 7 ايٿليٽ ريوڊي جنيرو ويا، ان کانسواءِ هڪ ڊاڪٽر ڪوچ هو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:14