وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ملاقات

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13 فروری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آزاد ڪشمير جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ علائقي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ وفاقي حڪومت جي مسلسل مدد کي ورجايو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان ۽ سندس ٽيم سان ملاقات ۾ ڪئي جنهن ۾ آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار پڻ شامل هئا. وزيراعظم آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪشمير معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر، قانون وارو وفاقي وزير چوڌري محمود بشير ورڪ، وزيراعظم جو سيڪريٽري، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري، پاور ڊويزن وارو سيڪريٽري ۽ ڪشمير معاملن وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا سرڪاري عملدار شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي آزاد ڪشمير ۾ ترقياتي منصوبن ۽ سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن جو مقصد خطي جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ علائقي ۾ سياحت جو فروغ هو. مسلم ليگ (ن) جي قيدات جي ويزن تحت شروع ڪيل ترقياتي پروگرام تي غور ڪندي آزاد ڪشمير حڪومت موجوده وفاقي حڪومت تحت آزاد ڪشمير جي لاءِ بجيٽ کي 12 ارب مان وڌائي 22 ارب ڪرڻ ۽ ميرپور – مظفر آباد – مانسهره ايڪسپريس وي ۽ سي پيڪ منصوبي تحت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ سميت مختلف شاندار منصوبا شروع ڪرڻ کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان حڪومت پاران معاونت ۾ اضافي سان آزاد ڪشمير حڪومت کي پاڪستان سان بهتر مواصلاتي رابطن ۽ ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي رابطا وڌائڻ جي لاءِ سمورن وڏن رستن جي بهتري سان گڏوگڏ تعميري شعبن جي بحالي ۾ مدد ملي آهي.