سينيٽ ميمبرن پاران عاصمه جهانگير کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش

سينيٽ ميمبرن پاران عاصمه جهانگير کي  شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13 فروری2018ء) سينيٽ ميمبرن ناليواري قانوندان ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته عاصمه جهانگير جدوجهد جو نالو آهي، هو سياسي وابستگي بدران حقيقت ۽ سچائي جو ساٿ ڏيندي هئي، هو دهشتگردي، فرقيواريت ۽ مذهبي تنگ نظري جي خلاف هئي، هن سدائين پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي، عورتن کي انساني حقن جي بالادستي جي لاءِ عاصمه جهانگير جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي خصوصي تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سينيٽ ميمبرن عاصمه جهانگير جي شخصيت جي حوالي سان ڪيترن ئي رخن کي اجاگر ڪيو ۽ کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. سينيٽر سردار اعظم موسيٰ خيل چيو ته عاصمه جهانگير مظلومن جو آواز هئي، ارڏيءَ ۽ غيرجمهوريت پسندن قوتن جي مخالف هئي، هو سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي پهرين عورت صدر هئي. سينيٽر الياس بلور چيو ته عاصمه جهانگير عدليه، ميڊيا جي آزادي، جمهوريت جي استحڪام ۽ انساني حقن جي بلندي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته عاصمه جهانگير انساني حقن ۽ غريبن جي دادرسيءَ جي لاءِ بهادر آواز هئي. سينيٽر سحر ڪامران چيو ته عاصمه جهانگير جدوجهد جو نالو آهي، هن سدائين عورتن جي حقن، سياسي قيدين، آئين جي سربلندي لاءِ آواز اٿاريو. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته عاصمه جهانگير سدائين آمريت جي مخالفت ڪئي. سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته اسان عاصمه جهانگير جهڙي شخصيت کي وڃائي چڪا آهيون، جيڪا هڪ ڀيرو ئي پيدا ٿئي ٿي. سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته عاصمه جهانگير جي لاءِ يادگار ٺهڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ نسل کي سندس ڪارنامن کان آگاهه ڪري سگهجي. سينيٽر تنويرالحق ٿانوي چيو ته عاصمه جهانگير پنهنجي صلاحيتن سان اهو مقام حاصل ڪيو، الله تعاليٰ سندس درجا بلند ڪري. سينيٽر شاهي سيد چيو ته عاصمه جهانگير بهادر، ارڏيءَ، بيباڪ، جمهوريت پسند، انسان دوست ۽ احترام انسانيت تي يقين رکندڙ ۽ جمهوريت تي يقين رکندڙ عورت هئي. سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته عاصمه جهانگير انساني خدمت، قانون جي بالادستي ۽ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. سينيٽر گيانچند چيو ته عاصمه جهانگير سدائين اصولن تي بيٺل رهي، ڪڏهن به نه جهڪي. سينيٽر مير ڪبير چيو ته عاصمه جهانگير کي سندس خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. سينيٽر غوث بخش نيازي چيو ته عاصمه جهانگير بي مثال جدوجهد ڪئي ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. سينيٽر سليم ضياءَ چيو ته عاصمه جهانگير پاڪستان جو سرمايو هئي. سينيٽر نزهت صادق چيو ته عاصمه جهانگير جو جمهوريت تي پڪو يقين هو. سينيٽر گل بشريٰ چيو ته عاصمه جهانگير مظلومن، غريبن جو آواز هئي. سينيٽر ڪريم خواجه چيو ته عاصمه جهانگير مظلوم طبقن جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. سينيٽر ستاره اياز چيو ته عاصمه جهانگير عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عورتن جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي. سينيٽر تاج حيدر چيو ته عاصمه جهانگير نيڪي ۽ بلند حوصلن جو مجموعو هئي۔