پاڪستان تمام گهڻن ڏکين مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي: صدر ممنون حسين

پاڪستان تمام گهڻن ڏکين مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13 فروری2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان تمام گهڻن ڏکين مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، دهشتگردي ختم ٿي ۽ قومي معيشت ۾ بهتري پيدا ٿي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ خوشحالي ايندي ۽ استحڪام کي هٿي ملندي، وچ ايشيا سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ سي پيڪ مان غيرمعمولي اميدون هڻي رهيا آهن، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻيا سمورا قومي ادارا ان معاملي ۾ پنهنجي ذميوارين کي چڱي ريت سمجهن ٿا. اها ڳالهه هن ڪالهه اڱاري ڏينهن پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ انجنيئرن سان لاڳاپيل تعليمي ادارن جي پهرين عالمي ڊينز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. ڪانفرنس کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين کانسواءِ ناليواري پاڪستاني ۽ پرڏيهي ماهرن پڻ خطاب ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان کي گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان دهشتگردي سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو جنهن سان معيشت متاثر ٿي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو ۽ ان صورتحال سبب انجنيئرنگ جي شعبي جا ماڻهو پڻ متاثر ٿيا پر هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي ۽ پاڪستان دهشتگردي سميت سمورن مسئلن تي ضابطو آڻي ورتو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين ئي نه پر هن پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز اقتصادي لنگهه سان لاڳاپيل آهي. مستقبل مواصلاتي رابطن جو عهد آهي جنهن جي جديد ترين شڪل پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي شڪل ۾ سامهون آئي آهي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ان جا ذميوار مستقبل جي گهرجن کان آگاهه آهن ۽ انهن ذميوارين کان منهن ڏيڻ جو نقشو پڻ انهن جي ذهنن ۾ واضح آهي. هن چيو ته وچ ايشيا سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ سي پيڪ مان غيرمعمولي اميدون هڻي رهيا آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻيا قومي ادارا ان معاملي ۾ پنهنجي ذميوارين کي چڱي ريت سمجهي وٺن. صدر چيو ته وڏي محنت ۽ شاندار منصوبابندي سان بهترين عمارتون تيار ٿين ٿيون ۽ عظيم الشان منصوبا پڄاڻي تي پهچن ٿا پر ٿوري ئي عرصي کانپوءِ انهن جا خاميون سامهون اچڻ لڳن ٿيون جنهن جي ڪري ڪجهه وقتن تي وڏا وڏا حادثي پڻ ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته ٻين لاڳاپيل ادارن کانسواءِ انجنيئرنگ ڪائونسل تي پڻ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته منصوبا ٺاهڻ وقت عالمي معيارن کي نظر ۾ رکيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن عالمي معيارن کي نظر ۾ نه رکيو ويو ته اقتصادي لنگهه سميت اسان جن مختلف امڪانن مان فائدو حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا آهيون، انهن جي تعمير مشڪل ٿي ويندي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته اهڙي طرح جي مٽاسٽا سان انجنيئرنگ جي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت ۾ بهتري ايندي. صدر خواهش جو اظهار ڪيو ته انجنيئرنگ ڪائونسل پنهنجي پيشيواراڻي مهارت کي استعمال ۾ آڻيندي حڪومت کي عمل جوڳيون تجويزون پيش ڪري. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي تجويزون انجنيئرنگ سروس اسٽرڪچر جي بهتري ۾ يقينن مددگار ثابت ٿينديون. صدر ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان گذريل سال واشنگٽن معاهدي جو حصو بڻيو آهي جيڪو انجنيئرنگ جي شعبي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي سطح جي ان اهم ترين فورم ۾ شامل ٿيڻ سان پاڪستان ۾ انجنيئرنگ جي شعبي جي بهتري ۽ قومي ترقي جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جو ذريعو بڻجندي. ان موقعي تي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي بابت ملائيشين سوسائٽي جي سيڪريٽري جنرل پروفيسر محمد نور ۽ انجنيئر ڊاڪٽر جميل احمد کانسواءِ پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ انجنيئرن ۽ تعليمي ماهرن جو وڏو انگ موجود هو. صدر ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ۾ شيلڊز پڻ ورهايون.