سيڪيورٽي جي معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي ذاتي ۽ پارٽي موقف کي هڪ طرف رکي ڳالهه ڪرڻ گهرجي: وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان

سيڪيورٽي جي معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي ذاتي ۽ پارٽي موقف کي هڪ طرف رکي ڳالهه ڪرڻ گهرجي: وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سيڪيورٽي جي معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي ذاتي ۽ پارٽي موقف کي هڪ طرف رکي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، دهشتگردي جي واقعن ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي پر جنگ اڃا ختم ناهي ٿي، جنگ اڃا جاري آهي ۽ ان ۾ نقصان ٿيندو، انٽيليجنس ايجنسيون پاڪستان جي بقاءَ جي جنگ وڙهي رهيون آهن، فوج ۽ پوليس پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي 20 هزار کان وڌيڪ آپريشن ۾ هزارين خطرناڪ دهشتگردن کي جهليو ويو آهي، دهشتگردي جو ناسور ختم ڪري رهيا آهيون، ڪير منهنجي توهين ڪندو يا هروڀرو الزام تراشي ڪندو ته جواب ضرور ڏيندس، دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين ۽ پنهنجا اسڪول بند نه ڪنداسين، دشمن نفسياتي حملا ڪري رهيا آهن، ڳالهائڻ ۾ ڊيگهه ڪرڻ سان اهو پيغام وڃي ٿو ته اسان پاڻ م وڙهي رهيا آهيون، ايندڙ ڪجهه مهينن ۽ سالن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ ڪوئيٽا سانحي ۽ مردان سانحي تي بحث سهيڙيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ڪوئيٽا سانحو ۽ مردان سانحو افسوسناڪ آهن، ان حوالي سان ايوان ۾ ڪجهه تيز ڳالهايو ويو، ميمبرن تفصيل سان ڳالهايو پر ڪجهه اهڙيون شيون به هيون جن تي ڳالهايو ويو، جيڪي هن مسئلي سان لاڳاپيل ئي نه هيون. هن چيو ته آئون سڀني جي راءِ جو احترام ڪريان ٿو، بدقسمتي سان ڪجهه اهڙيون شيون هونديون آهن جن جو اظهار ٿي ويندو آهي ۽ اهي چٽي ڏينهن وانگر ظاهر به ٿي وينديون آهن، انهن ٻنهي سانحن جي آئون پرزور مذمت ڪريان ٿو. سينيٽر جهانزيب جمالديني سان سندس نوجوان پٽ جي شهادت تي به همدردي جو اظهار ڪريان ٿو، سندس تقرير مان متاثر ٿيو آهيان، انساني جانين جي ڪا به قيمت نه آهي. هن چيو ته هتي سواءِ افسوس ۽ مذمت جي ٻيو ڇا ڪري سگهجي ٿو پر ائين به نه آهي، گهڻو ڪجهه به ڪري سگهجي ٿو، انٽيليجنس ادارن، پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، جهڙي قسم جي دهشتگردي درپيش آهي ان ۾ دشمن سامهون نه آهي، ائين نه آهي ته فوج آمهون سامهون آهي ۽ جنگ جي قانونن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، هي مختلف جنگ آهي جنهن ۾ دشمن ظاهر نه آهي، سرحد تي ناهي بيٺل، اهو اسان جي اندر لڪل آهي ۽ ان جو رنگ ۽ زبان به اسان جهڙي آهي، ڪجهه دشمن اسان جا ڪيترن ئي سالن کان آهن جيڪي سڀني آڏو ظاهر آهن. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي ڪيترائي ڪلاڪ بريفنگ ڏئي چڪو آهيان، هر واقعي کانپوءِ حادثي واري جاءِ تي پهچان ٿو پر بدقسمتي سان ڪوئيٽا نه پهچي سگهيس. هن ايوان جو آواز هر جاءِ تي پهچائيندس، هر سانحي کانپوءِ مون کي ڪيترائي قدم کڻڻا هوندا آهن، ڪيترن ئي معاملن جو جائزو وٺڻو هوندو آهي، خودڪش حملي آورن جي عضون، ڊي اين اي ٽيسٽ، دهشتگردن جي فون ڪالز سميت مختلف معاملن کي ڏسڻو هوندو آهي. گهرو وزير چيو ته واقعي کانپوءِ دورن جي حوالي سان اعليٰ سطحي سيڪيورٽي اجلاس ۾ اها تجويز کڻندس جيڪا هتي ڏني وئي آهي، هي وقت ڪجهه ٻين معاملن کي به ڏسڻو پوندو. هن چيو ته ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ آئون اتي نه وڃي سگهيس، سيڪيورٽي جي حوالي سان معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڳ ۾ روزانو 5، 6 ڌماڪا ٿيندا هئا پر هاڻي انهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، اڳ ۾ عدالتن، عبادتگاهن، ميريٽ هوٽل ۽ ٻين هنڌن تي حملا ٿيا جنهن ۾ هڪ سفير به مارجي ويو. هن چيو ته طالبان سان 8 مهينا ڳالهيون ڪيون، پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جا خدشا هئا جيڪي انهن جا جائز خدشا هئا. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ سويلين قيادت کان پهرين جبلن تان لهي طالبان ڳالهيون ڪيون ۽ ڊبل گيم کيڏي وئي ۽ اپريل 2014ع ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻي فوجي آپريشن ڪئي ويندي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ سڀني پارٽين گڏجي تيار ڪيو، نيشنل ايڪشن پلان هڪ سويلين نيشنل ايڪشن پلان آهي، چيو وڃي ٿو ته سويلين پنهنجو ڪم ناهي ڪيو، فوج پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، ضرب عضب نيشنل ايڪشن پلان کان 7 مهينا پهرين شروع ڪئي وئي هئي، ضرب عضب فوج جي ذميواري هئي جيڪا هن ادا ڪئي، تنقيد ڪندڙ نيشنل ايڪشن پلان کان آگاهه ئي نه آهن، نيب جا 9 نقطا صوبائي حڪومتن بابت آهن، 7 مختلف وزارتن بابت آهن، 3 نقطا گهرو وزارت بابت آهن ۽ هڪ فاٽا سان لاڳاپيل آهي، مون تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومت سياسي طور تي اسان جي مخالف آهي، انهن کان به ڪڏهن غلطي ٿي آهي تڏهن به اها ظاهر ناهي ڪئي، مردان سانحي جي حوالي سان صوبائي حڪومت تي تنقيد ناهي ڪئي، خيرپور ۽ ڪراچي واقعن تي وڏي وزير تي دٻاءُ آيو ته مون ان جي حق ۾ بيان ڏنو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته آمريڪا پڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته واقعن ۾ 39 سيڪڙو گهٽتائي آهي، دهشتگرد حملن ۾ 54 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته ان ۾ اسان جي پوليس، ايجنسين، فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جو ڪردار آهي جن قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جون پهرين ڪهڙيون حالتون هيون ۽ هاڻي ڪهڙيون آهن، اهل تشيع پهرين روزانو جنازا کڻندا هئا پر هاڻي دهشتگردي ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته ضرب عضب آپريشن ۾ فوج 500 جانين جي قرباني ڏني، پوليس تربيت يافته نه هجڻ باوجود وڏي بهادري سا وڙهي رهي آهي، پوليس جو تمام وڏو ڪردار آهي، ڳجهن ادارن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، اها اکين تي، اچڪزئي منهنجو دوست آهي، 2001ع ۾ ٻن سالن جي نظربندي ڪاٽي ٻاهر نڪتو ته هڪ انٽرويو ۾ مون چيو ته سڀ کان وڌيڪ ولي خان ۽ اچڪزئي مون کي متاثر ڪيو آهي انهن ٻنهي شخصيتن کان مون گهڻو ڪجهه سکيو آهي، انهن جي جدوجهد ۽ تقريرن مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي پر اڄ اچڪزئي حڪومت ۾ آهي ۽ هو نه ٿو چئي سگهي ته حڪومت ۾ نه آهي، تنقيد اکين تي پر جيڪا هن ايوان ۾ ٿي آهي پر هتي تنقيد ڪندڙ صوبائي حڪومتن ۾ شامل آهن اتي انهن کان جواب طلبي ڪئي وڃي، مون پهريون ڀيرو اچڪزئي جي تقرير جو جواب ڏنو، مون کي سندس ڪجهه لفظن کان تڪليف پهتي. هن چيو ته پاڪستان جون ڳجهيون ايجنسيون ملڪ جي جنگ وڙهي رهيون آهن ڪيترن ئي حملن جي نشاندهي ڪئي وئي پر انهن کي ئي نااهل چيو وڃي ٿو. هن چيو ته بنون جيل تي حملو، آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو، ڪراچي ايئرپورٽ، باچاخان يونيورسٽي تي حملا ڪيترائي هفتا ۽ مهينا پهرين ڏنو ويو واگهه حملي جو اطلاع ڏيڍ مهينو پهرين ڏنو ويو، حملي واري ڏينهن به پنجاب حڪومت ۽ رينجرز کي اطلاع ڏنو ويو. هن چيو ته ايجنسيون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن، دنيا جون ايجنسيون گهڻيون اڳتي آهن ۽ نائن اليون جا حملي آور گهڻو وقت اڳ ۾ تياري ڪري رهيا هئا پر انهن کي سوگهو نه ڪيو ويو، اولهندي ملڪن ۾ دهشتگردي جي لهر آيل آهي، هن چيو ته 20 هزار کان وڌيڪ ڳجهي معلومات جي بنياد تي آپريشن ۾ هزارين خطرناڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اها بهتري سياسي قيادت جي اتفاق، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪوآرڊينيشن ۽ عسڪري ۽ سول قيادت جي اتفاق سان آئي آهي. هن ملڪ مان دهشتگردي جو ناسور ختم ڪري ڇڏينداسين ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن سموريون حالتون ڪنٽرول ۾ هونديون، جون 2013ع کان پهرين اسان کي خبر نه هئي ته ڪيتريون تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن پر اڄ اسان کي خبر آهي ته ڪيتريون ڪالعدم تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن، اسان جي حڪومت ان تي ڪم ڪيو آهي، هڪ هڪ ڄڻي جي معلومات گڏ ڪري ڊيٽا بئنڪ ٺاهي آهي، 2013ع کان پهرين ٻاهرئين ملڪن کان سوين ماڻهن کي جهازن ۾ ويهاري هيڏانهن موڪليو ويندو هو ۽ خبر ئي نه پوندي هئي ته اهي ڪير آهن ۽ ڪيترائي برمي، فلپائني، افغاني ۽ بنگالي پاڪستان موڪليا ويا پر اڄ ڪنهن ملڪ ۾ طاقت نه آهي ته ائين ڪري سگهي، ڪيترن کي ئي ايئرپورٽ تان ئي واپس ڪيو ويو آهي ۽ جهازن تي ڏنڊ به وڌو آهي. هن چيو ته اسان سدائين قومي مفادن ۾ فيصلا ڪيا آهن، جعلي شناختي ڪارڊ گذريل دور ۾ ڏنا ويا ۽ اهڙن ماڻهن کي ڏنا ويا جو حيرانگي ٿئي ٿي. هن چيو ته اسان جي آفيشل پاسپورٽ تي انساني اسمگلنگ ڪئي وئي، 2000ع کان وڌيڪ پاسپورٽ ڪينسل ڪيا ويا آهن، انهن ۾ وڏا ماڻهو به شامل هئا، مون هڪ به پاسپورٽ بنا اهليت جي ڪنهن کي به ناهي ڏنو، غيرقانوني ڪم جيڪي ماضي ۾ ٿيا انهن تي ڪارروائي منهنجو ڪم نه آهي، اسان جو مقصد ڪنهن کي بدنام ڪرڻ نه آهي ان لاءِ اهي ظاهر نه ڪيا اٿم، مشرف دور ۾ هڪ به جعلي ڪارڊ کي بلاڪ نه ڪيو ويو، اڳوڻي دور ۾ اهو ڪم شروع ڪيو ويو، هن سال اسان ڏيڍ لک ڪارڊ بلاڪ ڪيا آهن ۽ اها مهم ڪنهن پارٽي يا ڪنهن ڌر خلاف نه آهي. هن چيو ته اسان 29 هزار جعلي پاسپورٽ به ڪينسل ڪرايا آهن. هن چيو ته 30 سالن جي زندگي ۾ مون عزت ڪمائي آهي، هن ايوان ۾ جڏهن به گهرايو ويندو ته آئون ايندس، اڄ مون کي ڪنهن به ناهي گهرايو آئون پاڻ اچي ويو آهيان، آئون لڪڻ وارو يا ڪنهن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪرڻ وارو نه آهيان، هر ڳالهه جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ۽ هر تلخ ڳالهه جو به جواب ڏيندس، دليلن سان ڳالهيون ڪيون وڃن، باقي توهين ڪئي ويندي ته جواب ضرور ڏيندس، هروڀرو جي الزام بازي جو سخت جواب ڏيندس، پس منظر سان ڳالهائڻ جو عادي آهيان، مون تي ذاتي حملا ڪيا ويا ته آئون به ڪندس، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي وفاق ۽ صوبي ۾ حڪومت ۾ آهي، گورنر اچڪزئي پختون هجڻ جي ڪري نه آهي پر هو محمود خان اچڪزئي جو ڀاءُ آهي ۽ ان جو نامزد ڪيل آهي جنهن جي ڪري گورنر ٿيو آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ مون کي گهرائين ۽ جواب طلب ڪن. هن چيو ته مخالف ڌر ۾ هجڻ جي تقرير جو پس منظر ٻيو هوندو آهي، حڪومت ۾ اچي چوڪا ڇڪا ناهن هڻبا، ڪجهه کٽيون شيون هضم به ڪرڻيون پونديون آهن، کلي ڳالهائڻ مون انهن کان ئي سکيو آهي، اهو اهي ڀلي کلي ڳالهائين پر ڪنهن واقعي جي رپورٽ نه اچڻ تي ايجنسين تي الزام نه هڻن، شڪارپور واقعي کانپوءِ هڪ هفتي ۾ منهنجي هدايت تي ماڻهن کي جهليو ويو. هن چيو ته صوبائي حڪومتن سان ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا ٿيندي رهندي آهي. هن چيو ته ڇا اسان کي دشمن جي خوفزده ڪرڻ سان ڊڄي وڃڻ گهرجي، اهڙي دهشتگردي ڪو به مسلمان نه ٿو ڪري سگهي، جنازن، عبادتگاهن، اسڪولن، اسپتالن ۽ مارڪيٽن ۾ ڪو به مسلمان حملا نه ٿو ڪري سگهي ۽ اسان انهن جو مقابلو ڪنداسين ۽ پنهنجا اسڪول بند نه ڪنداسين ۽ اسان جي سياسي قيادت پاران اهو پيغام وڃڻ گهرجي ته اسان انهن بزدل حملن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون. هن چيو ته دهشتگرد نفسياتي حملا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جذبات ۾ تقرير ڪرڻ سان اهو پيغام وڃي ٿو ته اسان پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ وفاق انٽيليجنس شيئرنگ ڪري ٿو، اسان سڀ کان وڌيڪ معلومات انهن صوبن کي ڏني آهي جتي اسان جي حڪومت نه آهي، وفاق سنڌ، خيبرپختونوخاهه ۽ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مدد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته رينجرز ۽ ايف سي صوبائي حڪومت جي ڪمان ۾ آهن ۽ ڪنهن به وزيراعليٰ ذميواري اسان تي ناهي وڌي، ڪجهه سياسي اڳواڻ مون تي ڪاوڙ جو اظهار ڪن ٿا، اسان کي فوج جي همت وڌائڻ گهرجي، جتي غلطي هجي ان جو ازالو ٿيندو. هن چيوته ايندڙ ڪجهه مهينن ۽ سالن ۾ دهشتگردي خلاف ويڙهه کي منطقي انجام تائين پهچائي ڇڏينداسين. هن چيو ته ڪوئيٽا اسپتال جي اندر جنهن شخص پاڻ کي اڏايو اهو خودڪش بمبار آهي، مردان ۾ به ڪورٽ ۾ خودڪش حملو ٿيو. هن چيو ته جيڪو دهشتگرد مردان جي عدالت تائين پهتو ان جي سهولتڪارن تائين پهچي ويا آهيون. هن چيو ته ڪوئيٽا حملي ۾ هڪ دهشتگرد هو ۽ 3 ڄڻا اڃا تائين جاچ هيٺ آهن. توهان اطمينان ڪيو، اهڙن واقعن جو اڳ ۾ به پتو لڳايو آهي هاڻي به جوابدارن تائين پهچنداسين، جڏهن به اهڙي اڳڀرائي سامهون ايندي هن ايوان يا قومي اسيمبلي کي ضرور آگاهه ڪندس.