ڪوئيٽا سانحي جي جاچ کان ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي: سينيٽرز

ڪوئيٽا سانحي جي جاچ کان ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ سينيٽرن چيو آهي ته ڪوئيٽا سانحي جي جاچ کان ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي، را ملوث آهي ته عالمي سطح تي ثبوت پيش ڪيا وڃن، پاليسيون تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ڪوئيٽا ۽ مردان سانحي تي بحث ۾ حصو وٺندي بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيٽر روبينه عرفان چيو ته ڪوئيٽا سانحي ۾ مارجي ويل وڪيلن کي سٺي وڪيل ٿيڻ ۾ 40 سال لڳا. سينيٽر دائود خان اچڪزئي چيو ته ڪوئيٽا سانحي کان اڳ به ڪوئيٽا ۾ وڪيلن تي حملا ٿيا، هڪ وڪيل ۽ هڪ لا ڪاليج جي پرنسپال کي پڻ قتل ڪيو ويو، سانحي کان اڳ جنهن وڪيل اڳواڻ کي قتل ڪيو ويو ان کي اسپتال ڪنهن پهچايو، اڃا تائين خبر ناهي پئجي سگهي، واقعي جي جاچ کان هن ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي. سينيٽر مير ڪبير شاهي چيو ته عوام محفوظ نه آهي، ڪيستائين اسان پنهنجي ٻارن جا لاش کڻندا رهنداسين، ڪوئيٽا سانحو اسان جي نسل ڪشي جي برابر آهي. سينيٽر اشوڪ ڪمار چيو ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. سينيٽر اعظم خان موسيٰ خيل چيو ته سانحي ۾ 65 وڪيلن کي شهيد ڪيو ويو، ملڪ ۾ 35 ايجنسيون آهن، ڪوئيٽا ۾ ايف سي جي هوندي اهو واقعو ڪيئن ٿيو، اهم ڪمزورين جي نشاندهي ڪريون ٿا، اسان جون گهرو ۽ پرڏيهي پاليسيون غلط آهن، ڪوئيٽا سانحي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي. سينيٽر گيانچند چيوته واقعن کي سنجيده نٿو ورتو وڃي جنهن سان مسئلا پيدا ٿين ٿا، نيشنل ايڪشن پلان تي ڪيستائين عمل ٿيو آهي. سينيٽر نسيمه احسان چيو ته واقعي جي را يا طالبان تي ذميواري وجهي حڪومت جي ذميواري ختم نه ٿي ٿئي، عملي قدم کنيا وڃن. سينيٽر حميد الله چيو ته اسان سانحي کي روڪڻ جي لاءِ اهي قدم ناهن کنيا جيڪي ضروري هئا، اسان کي پنهنجي ناڪامين کي مڃڻ گهرجي. سينيٽر گل بشريٰ چيو ته دهشتگردي جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. سينيٽر جان ڪينٿ وليم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ مسيحن جون قربانيون به شامل آهن. سينيٽر مختار عاجز ڌامراهه چيو ته 27 کان وڌيڪ زخمي طبي امداد نه ملڻ سبب مارجي ويا، سينيٽر جهانزيب جمالديني جيڪو سوال اٿاريو آهي ان جي تائيد ڪريان ٿو. سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته آئنده اهڙن سانحن کي روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، منهنجو پٽ شهيد ٿيو آهي، ان جهڙا ڪيترائي پٽ شهيد ٿيا آهن، ڇا اسان پنهنجي ٻارن کي بچائي سگهون ٿا، ڇا اسان وٽ اهڙيون سهولتون آهن، سي پيڪ نه هو تڏهن به حملا ٿيندا هئا، ماضي ۾ جيڪي غلطيون اسان ڪيون آهن انهن جي نتيجي ۾ هي جنگ 50 سالن تائين ڪٿي نه ڪٿي جاري رهندي، ڇا اسان پنهنجي ٻارن کي بچائڻ جي اهليت رکون ٿا. سينيٽر نسيم احسان پڻ ڪوئيٽا سانحي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيترائي ڀيرا روئيندي رهي. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته ڪوئيٽا سانحي تي اسان سڀ ڏکويل آهيون، دهشتگردي ڪندڙن جو نه ڪو مذهب آهي نه ئي ملڪ نه ئي ڪا قوم، اسان کي انهن ظالمن جي خلاف متحد ٿي آواز بلند ڪرڻو پوندو، هن ايوان مان دهشتگردن ڏانهن مضبوط پيغام وڃڻ گهرجي، دهشتگرد هڪ خاص سوچ مان نڪتل آهن، اڄ اسان کي هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اجلاس جي صدارت ڪندڙ سينيٽر احمد حسن سينيٽر جهانزيب جمالديني جي پٽ ۽ ٻين شهيدن جي پونئيرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو به پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو ۽ چيو ته هو پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن چيو ته سينيٽر جهانزيب جمالديني ڪنهن سانحي کانپوءِ کنيل قدمن جي حوالي سان ڳالهايو آهي ان جي روشني ۾ صوبائي حڪومتن کي هدايتون ڏنيون وڃن.