فور جي لائيسنس حاصل ڪندڙ ڪمپنين 40 سيڪڙو علائقن ۾ اها سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي: سينيٽ کي آگاهي

فور جي لائيسنس حاصل ڪندڙ ڪمپنين 40 سيڪڙو علائقن ۾ اها سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته فور جي لائيسنس حاصل ڪندڙ ڪمپنين 40 سيڪڙو علائقن ۾ اها سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر راحيلا گل مگسي جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته فور جي اميد کان وڌيڪ ڪامياب ٿي آهي، 40 سيڪڙو علائقي ۾ اها سهولت ملي چڪي آهي، ملڪ ۾ 237 تعلقن جي صارفين کي لائيسنس حاصل ڪندڙ ڪمپنيون خدمتون فراهم ڪرڻ جون پابند آهن، پي ٽي اي ان حوالي سان نظر رکندي آهي ته اهي ڪمپنيون قاعدن تحت خدمتون فراهم ڪن، جيڪي ڪمپنيون قاعدن جي پابندي نه ٿيون ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ سهولتون فراهم نه ٿيون ڪن ته انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. ڪمپنين جو ڪاروباري مفاد به ان ۾ آهي ته هو پنهنجي خدمتن جو دائرو وسيع ڪن، جيڪڏهن موبائيل فون ڪمپنيون ڪميٽي ۾ نٿيون اچن ته انهن کي گهرايو وڃي.