نيو گوادر ايئرپورٽ چين جي تعاون سان ٺاهيو ويندو: سينيٽ کي آگاهي

نيو گوادر ايئرپورٽ چين جي تعاون سان ٺاهيو ويندو: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته نيو گوادر ايئرپورٽ چين جي تعاون سان ٺاهيو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر حافظ حمدالله جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن جي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته نيو گوادر ايئرپورٽ کي اسان چين کان قرض وٺي ٺاهڻ چاهيو ٿئي، چين جي صدر چيو ته اسان اهو ايئرپورٽ توهان کي ٺاهي ڏينداسين، ٽن سالن ۾ ان ايئرپورٽ کي ٺاهيو ويندو، چيني صدر جي دوري دوران ان حوالي سان معاهدو طئي ٿيو آهي. هڪ ضمني سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ايئرپورٽ جي زمين پوري نه آهي ته ان جي لاءِ ٻيهر سروي ڪرائي وٺون ٿا.