ڪرپشن ۽ دهشتگردي ۾ ڳٺ جوڙ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي: فرحت الله بابر

ڪرپشن ۽ دهشتگردي ۾ ڳٺ جوڙ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي: فرحت الله بابر

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي ۾ ڳٺ جوڙ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪوئيٽا ۽ مردان سانحي تي بحث ۾ حصو وٺندي پيپلزپارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته اهڙي قسم جي حملن کانپوءِ بارڊر مئنيجمينٽ ڪرڻ ۽ ڪرپشن ۽ عسڪريت پسندي ۾ ڳٺ جوڙ جهڙا بيان اچن ٿا. هن چيو ته سموري دهشتگردي جو ذميوار افغانستان مان آيل ماڻهن کي قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ته جيڪڏهن بارڊر مئنيجمينٽ ٿي وڃي ته اها دهشتگردي نه ٿيندي. هن چيو ته ٽي چار ڪراسنگ پوائنٽس تي سرحدي انتظام جي ڳالهه ڇو ڪئي پئي وڃي، افغانستان سان اڍائي سئو کان وڌيڪ ڪراسنگ پوائنٽس آهن، دهشتگرد اتان اچي سگهن ٿا.