حڪومت خطي جي ٻين ملڪن جي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو پاڪستان سان مقابلي جو جائزه قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو

حڪومت خطي جي ٻين ملڪن جي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو پاڪستان سان مقابلي جو جائزه قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) حڪومت خطي جي ٻين ملڪن جي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو پاڪستان سان مقابلي جو جائزه قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ڀارت ۾ پيٽرول جي قيمت پاڪستان جي مقابلي ۾ 34 روپيا في ليٽر ۽ بنگلاديش ۾ 50 روپيا في ليٽر وڌيڪ آهي، ڀارت ۾ ڊيزل جي قيمت پاڪستان جي مقابلي ۾ 13 روپيا في ليٽر وڌيڪ آهي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران پيٽروليم واري وزارت طرفان هي ڀيٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي جنهن موجب پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت في ليٽر 64 روپيا 27 پئسا آهي جڏهن ته ڀارت ۾ هي قيمت 98 روپيا 63 پئسا، سريلنڪا ۾ 91 روپيا 82 پئسا، بنگلاديش 113 روپيا 72پئسا ۽ نيپال ۾ 92 روپيا 72 پئسا في ليٽر آهي، پاڪستان ۾ ڊيزل في ليٽر قيمت 72 روپيا 52 پئسا جي مقابلي ۾ ڀارت ۾ 85 روپيا 20 پئسا، سريلنڪا 68 روپيا 15 پئسا، بنگلاديش 83 روپيا 5 پئسا، نيپال 68 روپيا 27 پئسا في ليٽر آهي.