تيل ۽ گئس جي ڳولا جي شعبي ۾ 1.6 کرب روپين جي سيڙپڪاري ٿي آهي: شاهد خاقان عباسي

تيل ۽ گئس جي ڳولا جي شعبي ۾ 1.6 کرب روپين جي سيڙپڪاري ٿي آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته تيل ۽ گئس جي ڳولا جي شعبي ۾ 1.6 کرب روپين جي سيڙپڪاري ٿي آهي، گذريل ٽن سالن دوران آئل ۽ گئس جي 82 فيلڊز دريافت ٿيون آهن، گئس رائلٽي صوبن کي ڏني ويندي آهي جيڪي پابند آهن ته ان جو 10 سيڪڙو حصو آئل فيلڊ وارن ضلعن ۾ خرچ ڪندا، گئس جا نوان ڪنيڪشن ”پهرين اچو پهرين وٺو“ جي بنياد تي ڏنا پيا وڃن، 2011ع ۾ گئس جا نوان ڪنيڪشن تي لڳايل پابندي هٽائڻ جي حوالي سان سفارش ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ گئس جي لوڊشيدنگ جي صورتحال بهتر ٿي آهي، نئي آبادي ۾ اضافي 100 ڪنيڪشن ڏنا پي ويا جنهن کي هاڻي وڌائي 200 جي سفارش ڪئي وئي آهي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران شاهد خاقان عباسي ٻڌايو ته 2011ع ۾ گئس جا نوان ڪنيڪشن ڏيڻ تي پابندي لڳايو ڪئي وئي هئي، اسان هاڻي امپورٽيڊ گئس جي بنياد تي هي پابند ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، هن واضح ڪيو ته ڪو به صوبو گئس جي پيداوار ۾ پاڻڀرو نه آهي، گهريلو استعمال جي ڪنيڪشن تي پابندي نه آهي تنهن هوندي به ان لاءِ پنهنجو وارو اهم آهي، هن ٻڌايو ته گئس جي کوٽ ۾ نمايان بهتري آئي آهي، هن ٻڌايو ته نئين هائوسنگ سوسائيٽين کي گئس ڪنيڪشن نه پيا ڏنا وڃن، ملڪ ۾ هن وقت گئس جي ڪٿي لوڊشيدنگ نه آهي، ايل پي جي جي قيمت کي ريگوليٽ ڪيو ويو آهي، اسان جو قانون اجازت نٿو ڏي ته گئس چوري جي چيڪ اپ لاءِ گهرن ۾ داخل ٿيون، شاهد خاقان عباسي ٻڌايو ته سسٽم 11 -2010ع ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرايو ويو آهي، ڪجهه فيلڊ آفيسرن کي جعلي رسيدون ڏنيون ويون آهن اهو معاملو درپيش آهي، اسان پهرين اچو پهريون وٺو جي بنياد تي ڪنيڪشن ڏئي رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪٿي اهڙين رسيدن وارا ڪيس آهن ته آگاهه ڪيو وڃي، معاملو حل ڪري وٺنداسين، مسرت رفيق مهيسر جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته اسان جي تيل جي پيداوار هڪ لک بيرول روزانو کان ٽپي وئي آهي تنهن هوندي به صرف 15 سيڪڙو پنهنجي ضرورت مقامي سطح تي پيدا ٿيندي آهي، وڌيڪ درآمد ڪري ئي پنهنجي ضرورت پوري ڪئي ويندي آهي، هن ٻڌايو ته گئس تي رائلٽي صوبن کي ڏني ويندي آهي ان جو 10 سيڪڙو آئل فيڊل وارن ضلعن ۾ خرچ ڪرڻ جي پابندي آهي، ان ۾ اسان جو ڪو به عمل دخل نه آهي.