وزيراعظم مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ چترال پهتو

وزيراعظم مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ چترال پهتو

چترال (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چترال ۾ مختلف فلاحي ۽ ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ۽ وفاقي حڪومت جي مالي مدد سان تعمير ٿيندڙ وڏي لواري ٽنل پراجيڪٽ جي معائني لاءِ ڪالهه اربع ڏينهن هتي پهتو. وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم مختلف ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺندو ۽ بوني بوزندڪور روڊ جي واڌ ۽ مرمت سميت ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکندو. 25 ڪلوميٽر ڊگهي بوني روڊ وفاقي حڪومت جي سالياني ترقياتي پروگرام جي مدد سان مڪمل ٿيندو جنهن سان مختلف منڊين کان چترال شهر تائين آساني سان پهچ کانسواءِ بهتر مواصلاتي سهولتون فراهم ٿينديون. وزيراعظم چترال ۾ هڪ وڏي جلسي کي پڻ خطاب ڪندو.