اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين: وزيراعظم محمد نواز شريف

چترال (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين، مخالفن جي پروپئگنڊه جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ترقي جو سفر جاري رکنداسين، چترال سان دل جي گهراين سان محبت ڪريان ٿو، لواري ٽنل جون 2017ع تائين مڪمل ٿي ويندي، ترقياتي منصوبا خوشحالي جي منزل آهن، علائقي جي 100 کان وڌيڪ ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي. ڪالهه اربع ڏينهن هتي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي چترال جي عوام سان ايترو ئي پيار آهي جيترو هو مون سان ڪري ٿو. هن چيو ته لواري ٽنل کانسواءِ 17 ارب رپيا رستن جي تعمير تي پڻ خرچ ٿيندا. هن چيو ته اسان جي دلين ۾ بغض نه آهي جنهن کي جيترو مينڊيٽ مليو ان جو احترام ڪريون ٿا، بغض هجي ها ته صوبن ۾ حڪومت ٺاهي سگهياسين پئي. هن چيو ته احتجاجي سياست ڪندڙن کي عوام هر جاءِ تي رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته چترال ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ٺهنديون. هن چيو ته علائقي ۾ اسپتال جي تعمير جي لاءِ وزيراعظم هيلٿ پروگرام تحت 250 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهي ويندي جنهن جي تعمير جلد شروع ٿيندي ۽ اڪثر منصوبا 2018ع تائين مڪمل ٿي ويندا. 2018ع کانپوءِ به ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا. وزيراعظم چيو ته آئون اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا چترال آيو آهيان، آئنده به چترال ايندس. هن چيو ته هتان جي نوجوانن جي لاءِ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته چترال جا ماڻهو ڪهڙي طرح به لاهور، ڪراچي يا ٻين شهرن کان گهٽ نه آهن، چترال جي عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته لواري ٽنل منصوبي جي پيڙهه جو پٿر 1955ع ۾ رکيو ويو ۽ ڊگهي عرصي کان اهو منصوبو به مڪمل نه ٿيو. هن چيو ته اسان جي حڪومت تيزي سان ان منصوبي تي ڪم ڪيو ۽ ان جي لاءِ فنڊز جاري ڪيا. هن چترال جي ضلعي ڪائونسل جي لاءِ 20 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته اسان لواري ٽنل جي نالي تي ووٽ ناهن گهريا. وزيراعظم چيو ته شهزاده افتخارالدين سان لاڳاپا مشرف سبب نه پر ان جي والد شهزاده محي الدين جي ڪري آهن. هن چيو ته اسان سڀ گڏجي هتان جي ماڻهن جي خدمت ڪنداسين ۽ جون 2017ع ۾ لواري ٽنل جو افتتاح ڪنداسين. هن چيو ته ضلعي ڪائونسل کي ملندڙ گرانٽ سان علائقي ۾ گهٽين، سينيٽيشن کي بهتر بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪا اهڙي ڳالهه نه ناهيان ڪندو جيڪا منهنجي ايجنڊا ۾ نه هجي. هن چيو ته خوشي آهي جو چترال جي عوام اردو سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته شهزاده افتخارالدين واحد ميمبر آهي جيڪو مشرف جي پارٽي مان چونڊيو جنهن پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪيو ۽ چيو ته جيڪو جتان به چونڊيو آهي ان کي عوام جي خدمت ڪرڻ ڏني وڃي. هن چيو ته مخالفن جي ڳالهين جو نوٽيس ناهيان وٺندو، نوٽيس عوام وٺندي. هن چيو ته چترال جي نوجوانن لاءِ اڄ تائين ڪنهن ڪجهه ناهي ڪيو لواري ٽنل منصوبو 55 سال دير جو شڪار ٿيو. هن چيو ته آئون دعاگو آهيان ته الله تعاليٰ مخالفن کي هدايت ڏي ۽ پاڪستان جي ترقي جي توفيق ڏي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ چترال جي ترقي جي لاءِ 10 ارب رپيا ڏنا، ايندڙ سال ترقي جي لاءِ وڌيڪ 8 ارب رپيا ڏينداسين. هن چترال ۾ رستن جي منصوبن تي جلد ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته گولن گول کان چترال تائين 132 ڪي وي لائين وڇائي ويندي جنهن سان 108 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته هي منصوبو ايندڙ سال مڪمل ٿئي. هن چيو ته اسان ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن کي 2018ع کان اڳ مڪمل ڪري وٺنداسين. ان کان اڳ وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان 2018ع جون چونڊون نه ٿو کٽي سگهي. هن چيو ته مخالف نه عدالتن کي مڃن ٿا ۽ نه ئي عوام جي فيصلن تي اعتماد ڪن ٿا، آخر اهي ڪهڙي ڳالهه تي يقين رکن ٿا. جلسي ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي گورنر سردار مهتاب خان عباسي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان، قومي اسيمبلي ميمبر شهزاده افتخارالدين، قومي اسيمبلي ميمبر صاحبزاده طارق الله، مسلم ليگ (ن) ضلعي چڪوال جي صدر سعيد احمد خان ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.