پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل (ترميمي) بل 2016ع لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل (ترميمي) بل 2016ع لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل (ترميمي) بل 2016ع لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ايڪٽ 1976ع ۾ ترميم ڪرڻ جو بل پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل (ترميمي) بل 2016ع قومي اسيمبلي جي منظور ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي، سينيٽ رٿ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ سينيٽر اعظم سواتي چيو ته هو به بل جي حمايت ڪري ٿو، چيئرمين بل وڌيڪ غور جي لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.