سينيٽر رحمان ملڪ پاران ڪورم جي نشاندهي

سينيٽر رحمان ملڪ پاران ڪورم جي نشاندهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي تنهن هوندي به گهنٽيون وڄائڻ کانپوءِ ڳڻپ تي ڪورم پورو نڪتو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ڪارروائي جاري هئي ته سينيٽر رحمان ملڪ ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي، صدارت ڪندڙ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ جي هدايت ڪئي جنهن کانپوءِ ڳڻپ ڪرائي وئي ته ڪورم پورو نڪتو. صدارت ڪندڙ چيو ته ميمبر ڪارروائي ۾ دلچسپي وٺن ۽ ايوان ۾ موجود رهن.