وزيراعظم پاران ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين شعبن ۾ سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور

وزيراعظم پاران ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين شعبن ۾ سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيڪسٽائيل، زرعي مشينري ۽ دواسازي جي شعبن ۾ وسيع تر حصيداري سان سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ سينيگال جي صدر ميڪي سال سان خصوصي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران وزيراعظم ٻطرفي واپار کي 30.469 ملين ڊالر ساليانو جي موجوده سطح کان وڌائي حقيقي صلاحيتن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو. هن وقت پاڪستان جي سينيگال جي لاءِ ساليانو روانگي واپار 29.33 ملين ڊالر آهي جڏهن ته سينيگال سان آمدني واپار جو ڪاٿو 1.06 ملين ڊالر آهي. ڳالهين دوران وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سينيگال جي صدر پنهنجي پنهنجي وفدن جي سربراهي ڪئي. وزيراعظم نواز شريف سينيگال جي صدر تي زور ڀريو ته هو چمڙي ۽ هلڪي انجنيئرنگ جي مصنوعات، زرعي مشينري ۽ ساز و سامان سميت پاڪستاني مصنوعات مان فائدو کڻي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جي واپار واري وزير جي سربراهي ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري وفد سينيگال جو دورو ڪري سگهي ٿو. هن شگر ۽ سيمنٽ پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سينيگال کي فني تعاون جي فراهمي کانسواءِ زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سينيگال ۾ هڪ پاڪستاني بئنڪ کولڻ جو پڻ جائزو وٺي رهيو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت ملندي. هن گذريل سال نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سيشن جي موقعي تي سينيگال جي صدر ميڪي سال سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏنو جتي ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو هو. وزيراعظم نواز شريف سال 17 – 2016ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي سينيگال جي صدر کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سينيگال اسلامي ملڪن جي مفادن جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ جي لاءِ هڪ فعال ڪردار ادا ڪندو. پاڪستان سينيگال جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ سگهه وڌائڻ ۽ انساني ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ انٽيليجنس شيئرنگ جي شعبن ۾ تعاون جي آڇ ڪئي. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي باوقار ادارن ۾ تعليم ۽ تربيت جي مختلف شعبن ۾ سينيگال جي شاگردن کي وظيفن جي آڇ تي خوشي آهي. هن سينيگال ۾ 2012ع ۾ عام چونڊن کانپوءِ جمهوريت کي يقيني بڻائڻ تي سينيگال جي صدر کي ساراهيو ۽ علائقائي مسئلن جي حل لاءِ انهن جي مثبت ڪردار جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم نواز شريف اسلام آباد ۾ سينيگال جو سفارتخانو کولڻ جي سلسلي ۾ سينيگال جي صدر جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ٿيندو، ٻنهي ملڪن دفاعي شعبي ۽ دفاعي خريداري ۾ تعاون جو پڻ جائزو ورتو. سينيگال جي وفد ۾ انفراسٽرڪچر وارو وفاقي منصوي عليمان، صدر جو سفارتي صلاحڪار عمر ويميبابي اي، ايوان صدر جي منسٽر ڪونسلر مسز گنونگا دايوف، مواصلات وارو وزير حميد وسامبا ڪاسي جڏهن ته پاڪستان پاران وفد ۾ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، دفاعي پيداوار وارو وزير رانا تنوير حسين ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا.