توهين عدالت وانگر پارليامينٽ جي ميمبرن يا پارليامينٽ جي توهين ڪرڻ تي به سزا هجڻ گهرجي: سراج محمد خان

توهين عدالت وانگر پارليامينٽ جي ميمبرن يا پارليامينٽ جي توهين ڪرڻ تي به سزا هجڻ گهرجي: سراج محمد خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) تحريڪ انصاف جي ميمبر سراج محمد خان چيو آهي ته توهين عدالت وانگر پارليامينٽ جي ميمبرن يا پارليامينٽ جي توهين ڪرڻ تي به سزا هجڻ گهرجي، جيڪي ميمبر اهڙن توهين آميز ٽاڪ شوز جو حصو بڻجن ٿا انهن جي خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، پارلياميٽ کي اهڙي طرح پيش ڪيو وڃي ٿو جو سمورن مسئلن جي پاڙ پارليامينٽ هجي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي سراج محمد خان چيو ته ڪجهه ٽي وي ٽاڪ شوز پروگرامن ۾ پارليامينٽ ۽ انهن جي ميمبرن جي توهين ڪئي وڃي ٿي، اهڙن تجزيه نگارن ۽ انهن جو هڪ هڪ ڪلاڪ حصو بڻجندڙن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي، آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته پارليامينٽ کي ائين پيش ڪيو وڃي ٿو جو سڀني براين جي پاڙ اها ئي آهي. هن چيو ته توهين عدالت وانگر توهين پارليامينٽ تي به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.