گهرو وزارت جي ڪنهن به نمائندي پاران اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ غيرموجودگي پارليامينٽ جي توهين آهي: نواب يوسف ٽالپر

گهرو وزارت جي ڪنهن به نمائندي پاران اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ غيرموجودگي پارليامينٽ جي توهين آهي: نواب يوسف ٽالپر

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) پيپلزپارٽي جي ميمبر نواب يوسف ٽالپر چيو آهي ته گهرو وزارت جي ڪنهن به نمائندي پاران اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ غيرموجودگي پارليامينٽ جي توهين آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي نواب يوسف ٽالپر چيو ته اڳ ۾ به مون ايوان ۾ اهو مسئلو اٿاريو هو ته 21 جولاءِ تي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ وزارت جي ڪنهن به نمائندي شرڪت نه ڪئي ۽ اسان جي استحقاق واري رٿ جو ڪو نوٽيس نه ورتو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن ان معاملي تي ڪو نوٽيس نه ورتو ويو ته گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جا سمورا ميمبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا.