ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام جي لاءِ جوڙيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ٿيندو

ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام جي لاءِ جوڙيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ20جنوری2018ء) ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام جي لاءِ جوڙيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين يا چيئرپرسن جي چونڊ ڪئي ويندي. اجلاس 2 وڳي ٿيندو. ان ڪميٽي جي جوڙجڪ جو اعلان جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو هو جنهن ۾ طلال چوڌري، مريم اورنگزيب، زاهد حامد، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، علي محمد خان، شائسته پرويز ملڪ، رومينه خورشيد عالم، صاحبزاده طارق الله ۽ ڪشور زهره شامل آهن. اها ڪميٽي ملڪ ۾ ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي مانيٽرنگ، ان بابت قانونسازي، موثر قدمن ۽ عدالتن ۾ اهڙن ڪيسن جي پيروي ڪندي.